اسلام آباد– 25 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سينيئر صحافي ۽ ڪراچي پريس ڪلب جي اڳوڻي صدر طاهر حسن سان سندس والده جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. بلاول هائوس جي مي??يا سيل پاران جاري تعزيتي پيغام ۾ بلاول ڀٽو زرداري طاهر حسن سان سندس والده جي لاڏاڻي تي افسوس ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيو هو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته والده جي جدائي جو صدمو ناقابل برداشت هوندو آهي، الله تعاليٰ توهان کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي. دعا آ??ي الله تعاليٰ مرحومه جي مغفرت ۽ ان کي جنت ۾ جڳهه ع??ا فرمائي.