اسلام آباد– 17 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي العربيه ٽي وي چينل کي ڏنل انٽرويو جي حوالي سان وزيراعظم آفيس جي ترجمان واضح ڪيو آهي ته وزيراعظم تسلسل سان چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت کي پنهنجي ٻطرفن مس??لن خاص طور تي ڄمون ۽ ڪشمير جو بنيادي مس??لو ڳالهه ٻولهه ذريعي حل ڪرڻ گهرجي جڏهن ته وزيراعظم ڪي??را??ي ڀيرا رڪار?? تي چيو آهي ته ڳالهه ٻولهه تڏهن ئي ٿي سگهي ٿي جيستائين ڀارت 5 آگسٽ 2019ع ج?? پنهنجي غيرقانوني قدم کي واپس نه ٿو وٺي، ان غيرقانوني قدم کي رد ڪرڻ کانسواءِ ڀارت سان ڳالهه ٻولهه ممڪن نه آهي. وزيراعظم آفيس پاران جاري وضاحتي بيان موجب ڪشمير جي مس??لي جو حل گڏيل قومن جي ق??ار??ادن ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي امنگن موجب ٿيڻ گهرجي. ترجمان چيو ته وزيراعظم پنهنجي گڏيل عرب امارات جي دوري دوران العربيه نيوز چينل کي انٽرويو ڏيندي اهو موقف بلڪل واضح ڪيو.