اسلام آباد – 04 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته 2022ع دوران تباهي آڻيندڙ ٻوڏ ??وران ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي تعاون جا ٿورائتا آهيون، ٻوڏ کانپوءِ متاثرين جي بحالي ۽ نئين سر تعم??ر جي لاءِ بئنڪ جي وڌيڪ تعاون جا خواهشمند آهيون. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي نائب صدر شي زن چن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي خوشي ٿي آهي. پاڪستان ۾ تازي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ ??وران ايشيائي ترقياتي بئنڪ جو ماڻهن سان تعاون ۽ يڪجهتي ساراهه جوڳي ??هي ۽ اسان مستقبل ۾ ان تعاون کي جاري رکڻ جا خواهشمند آهيون. هن چيو ته ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي تعاون سان ٻوڏ کانپوءِ بحالي ۽ نئين سر تعم??ر جو ڪم جاري آهي، حصيدارن ??ان گڏجي اسان هڪ مضبوط موس??يا??ي ردعمل کي وڌيڪ مضبوط ڪنداسين.