اسلام آباد – 28 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسڪردو ۾ خصوصي ٻارن جي اسڪول ۾ گيس ڌماڪي جي واقعي ۾ زخمي ٿيندڙ شاگردن کي هر ممڪن طبي سهولتون ۽ دوائون فراهم ڪرڻ جي لاءِ حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن. سومر تي وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جمعي تي اسڪردو ۾ گيس ڌماڪي جي نتيجي ۾ زخمي ٿيندڙ شاگردن جي علاج جي لاءِ پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز (پمز) جي برنز سينٽر کي حڪم جاري ڪيا آهن. وزيراعظم هد??يت ڪئي آهي ته شاگردن جي علاج تي اي??دڙ سمورا خرچ نيشنل هيلٿ سروسز ريگيوليشنز اي??ڊ ڪوآرڊينيشن واري وفاقي وزارت ۽ پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز برداشت ڪن.