اسلام آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي معاملن وار?? مملڪتي وزير حنا رباني کر هڪ ڏينهن جي دوري تي افغا??ست??ن جي گادي واري شهر ڪابل پهچي وئي. پرڏيهي ??فيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب افغا??ست??ن جي معيشت واري نائب وزير عبداللطيف نظاري ۽ ڪابل ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي هيڊ آف مشن عبيدالله رحمان ڪابل پهچڻ تي پرڏيهي معاملن وار?? مملڪتي وزير حنا رباني کر جي آجيان ڪئي. پرڏيهي معاملن وار?? مملڪتي وزير حنا رباني کر دوري دوران افغا??ست??ن جي عبوري حڪومت جي پرڏيهي وزير امير خان متقي سان سياسي معاملن تي مشاورت ڪندي. ڳالهه ٻولهه ۾ تعليم، واپار ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ تعاون، علائقائي رابطن، عوامي رابطن ۽ علائقائي سلامتي بابت معاملن سميت ٻطرفن لاڳاپن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. مملڪتي وزير افغا??ست??ن ۾ امن کي مضبوط بڻائڻ ۽ خوشحالي کي وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان جي مسلسل عزم ۽ حمايت کي به ورجائيندي.