اسلام آباد-20 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪ فضائيه جي ترجمان مطابق پاڪ فضائيه ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ڊينگي، مليريا، ڊائريا ۽ م??تل?? بيمارين کي مُنهن ڏيڻ لا??ِ فوري امداد شروع ڪري ڇڏي آهي. پاڻيءَ مان پيدا ٿيندڙ بيمارين جي تيزيءَ سان سُڃاڻپ لاءِ م??تل?? ميڊيڪل ليب ڪليڪشن پوائنٽس قائم ڪيا ويا آهن ۽ـ قيمتي جانين کي بچائڻ لا??ِ فوري طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي. پاڪ فضائيه جا هيليڪاپٽر ۽ ٽرانسپورٽ ٻوڏ متاثرن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪرڻ سان گڏوگڏ خوراڪ ۽ طبي سامان جي چُرپر ۾ به حصو وٺي رهيا آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران پاڪ فضائيه ضرورتمند خاند??نن ۾18510 پڪل کاڌي جا پئڪيٽ، 300 پاڻيء?? جون بوتلون ۽ 1920 بنيادي غذائي ج??سن تي ٻَڌل راشن پئڪيٽ ورهايا. وڌيڪ مفت خوراڪ ۽ رهائش جي فراهمي کانسواءِ پاڪ فضائيه جي فيلڊ ميڊيڪل ڪيمپس ۾ پاڪ فضائيه جي ميڊيڪل ٽيمون 1440 مريضن جو مفت علاج ڪيو.