اسلام آباد– 30 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زيد کي ??يليفون ڪئي ۽ کيس پاڪست??ن ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال کان آگاهه ڪيو. شيخ محمد بن زيد هن مشڪل گهڙيءَ ۾ پاڪستان کي ??ر ممڪن امداد جي آڇ ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف گڏيل عرب امارات جي صدر کي ??اڪست??ن ۾ ٻوڏ جي تازي صورتحال کان آگاهه ڪيو جنهن سان اٽڪل 32 ملين ماڻهو متاثر ٿيا آهن، 1162 جي لڳ ڀڳ ف??ت ۽ 3554 زخمي ٿيا آهن. وزيراعظم هڪ ڀيرو ٻيهر گڏيل عرب امارات پاران فراهم ڪئي ويندڙ ٻوڏ مت??ثر??ن جي لاءِ وقت سر امداد ۽ تعاون تي ٿورا مڃيا ۽ امارات هلال احمر ۽ خليفه بن زيد فائونڊيشن پاران پاران ٻوڏ متاثر علائقن ۾ امدادي سرگرمين کي ساراهيو. شيخ محمد بن زيد قدرتي آفتن کي ??نهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستاني عوام سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ هن مشڪل وقت ۾ مت??ثر??ن جي هر ممڪن مدد جي آڇ ڪئي. پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ ويجها ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي ڏهاڪن تي ٻڌل، گڏيل اعتماد ۽ افهام تفهيم ۽ ويجهي تعاون تي ٻڌل آهن، اهي گڏيل لاڳاپا دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ وڌندڙ تعاون تي ٻڌل آهن.