اسلام آباد – 01 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته سيد علي گيلاني جو ”اسان پاڪستاني آهيون، پاڪستان اسان جو آهي“ جو نعرو اڄ پوري دنيا ۾ گونجي رهيو آهي، اهل پاڪستان ۽ ڪشميري عوام سيد علي گيلاني جي جدوجهد کي سلام پيش ڪري ٿي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ڪشمير جي آزادي جي اهڃاڻ سيد علي گيلاني جي پهرين شهادت جي ڏهاڙي تي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته ڪشميرين جو س??د علي گيلاني جي لاءِ باباءِ حريت جو خطاب ان جي تاريخي جدوجهد جو اعتراف آهي. مردِ بُحران سيد علي گيلاني جي جدوجهد حريت ۽ ڪشمير جي آزادي جي تاريخ جو س??هري باب آهي. هن چيو ته سيد علي گيلاني هڪ شخص نه پر تحريڪ ۽ هڪ مشن جو نالو آهي جنهن جو نعرو ڪشمير بڻجندو پاڪست??ن آهي. سيد علي گيلاني شهيد جو مڙهه کسڻ سان ڪشميرين ک??ن آزادي جي تڙپ کسي نٿي سگهجي. وزيراعظم چيو ته پاڪستا??ي ۽ ڪشميري سيد علي گيلاني کي سلام پيش ڪن ٿا، اسان پاڪستاني آهيون، پاڪستان اسان جو آهي، جو س??دس نعرو اڄ سڄي دنيا ۾ گونجي رهيو آهي. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ سيد علي گيلا??ي سميت سمورن ڪشمير جي شهيدن جا درجا بلند ۽ انهن جي گهرڀاتين کي صبر ۽ جميل عطا فرمائي.