اسلام آباد – 05 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزارت جي اهتمام هيٺ 5 آگسٽ 2019ع جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي ڀارتي قدمن جي خ??اف ??معي تي پرڏيهي آفيس کا?? پارليامينٽ هائوس تائين هڪ ريلي ڪڍي وئي. ريلي ۾ دفاع وارو وزير خواجه محمد آصف، پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود، حريت ڪانفرنس جا اڳواڻ ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهو ريلي ۾ شرڪت ٿيا. ان کا?? اڳ واڪ ۾ شريڪ ٿيندڙن ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ آيل جمون ۽ ڪشمير جي عوام سان گڏ يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ پرڏيهي آفيس ۾ گڏ ٿيا. جنهن کا??پوءِ پرڏيهي آفيس ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي مناسبت سان زاهد زمان جي ملي نغمي کي جاري ڪيو ويو. ملي نغمو ڪشميرين جي خ??دمختياري واري حق ۽ ڀارتي خ??ني چنبي کا?? آزادي جي جدوجهد مسلسل جاري رکڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو. ڪشمير جي حوالي سان اهو ملي نغ??و زاهد زمان خصوصي طور تي تيار ڪيو آهي. ريلي ۾ شريڪ ٿيندڙن پرڏيهي آفيس کا?? شاهراهه دستور کا?? ٿيندا پارليامينٽ هائوس پهتا. والاريل ڪشمير ۾ 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارتي غيرقانوني ۽ هڪ طرفي قدمن جي خ??اف ملڪ جي اندر ۽ ٻاهر ڪشمير استحصال ڏهاڙو ڀرپور انداز ۾ ملهايو پيو وڃي. پرڏيهي وزارت مظلوم ڪشميرين سان اظهار يڪجهتي جي لاءِ اسلام آباد ءِ ٻاهرين ملڪ پاڪستاني سفارتخانن ۾ ڪيترن ئي پروگرامن جو اهتمام ڪيو آهي.