اسلام آباد – 12 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جون جي آخري هفتي ۾ معمول کان وڌيڪ برسات جي اڳڪٿي تي فوري قدمن جي هدايت ڪندي لاڳاپيل وزارتن ۽ کاتن کي صوبن ۽ ضلعي انتظاميا کي الرٽ ڪرڻ ??ي هدايت ڪئي آهي. پي ايم آفيس ميڊيا ونگ پاران جاري بي??ن موجب وزيراعظم هدايت ڪئي ته موسميات کاتي جي اڳڪٿي کي نظر ۾ رکندي اڳواٽ انتظام ڪيا وڃن. وزيراعظم چيو ته نشيبي علائقن ۽ وڌيڪ برساتن جي لپيٽ ?? ايندڙ علائقن ۾ هينئر کان ئي انتظام يقيني بڻايا وڃن. سندس چوڻ هو ته اڳواٽ حفاظتي انتظامن ۽ امدادي ساز و سامان جي دستيابي جي لاءِ وقت سر قدم کنيا وڃن. هن وفاق ۽ صوبن جي حصيداري سان ٺوس حڪمت عملي تي??ر ڪرڻ ??ي هدايت ڪئي. وزيراعظم زرعي علائقن ۾ فصلن، چوپائي مال جي حفاظت ۽ نقصانن کان بچڻ جون تدبيرون اختي??ر ڪرڻ ??ي هدايت ڪندي چيو ته خطري جي لپيٽ ?? ايندڙ علائقن جي رهواسين کي وقت سر خبردا?? ڪيو وڃي، محفوظ جاين تي منتقلي يقيني بڻائي وڃي، پاڻي جي نيڪالي، نالن ۽ پاڻي گذرگاهن جي صفائي کي يقيني بڻايو وڃي ۽ اسپري جا انتظام ڪيا وڃن.