اسلام آباد – 02 – مئي (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته غريب ماڻهن کي صحت جي معياري سهولتن جي مفت ف??اهمي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، لاچار ۽ مفلس طبقي تي ڌيان نه ڏيڻ جي سوچ بدلائڻ ۽ انهن جي خدمت کي ترجيحن ۾ سرفهرست رکڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان ڪڊني اينڊ ليور انسٽيٽيوٽ (پي ڪي ايل آئي) کي ٽرسٽ بڻايو وڃي ۽ نرسنگ يونيورسٽي جي منصوبي کي جلد مڪمل ڪيو وڃي. وز??را??ظم آفيس پاران جاري بيان موجب وز??را??ظم اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان ڪڊني اينڊ ليور انسٽيٽيوٽ تي لاهور ۾ جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وز??را??ظم کي پي ڪي ايل آئي جي انتظامي معاملن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وز??را??ظم کي ٻڌايو ويو ته گذريل سال 290 ڪڊني ٽرانسپلانٽ ۽ 190 ليور ٽرانسپلانٽ ڪيا ويا، مريضن مان رڳو 17 سيڪڙو کي ئي مفت علاج جي سهولت ف??اهم ڪئي وئي. وز??را??ظم کي اسپتال سان گڏ نرسنگ يونيورسٽي جي منصوبي تي اڳڀرائي کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. وز??را??ظم پي ڪي ايل آئي جي منصوبي کي مڪمل ڪرڻ ۾ ڪوتاهي ڪندڙ تي افسوس جو اظهار ڪندي پي ڪي ايل آئي ۾ مريضن کي ڏني ويندڙ موجوده سهولتن کي غيرتسلي بخش قرار ڏنو. وز??را??ظم اسپتال ۾ سهولتن کي عالمي معيار موجب بڻائڻ ۽ گهٽ ۾ گهٽ 50 سيڪڙو غريب مريضن کي مفت علاج فراهم ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون. وز??را??ظم محمد شهباز شريف چيو ته پي ڪي ايل آئي جو مقصد ئي پوري ملڪ جي غريب ۽ لاچار ماڻهن کي مفت ٽرانسپلانٽ جي سهولت ف??اهم ڪرڻ هو ته جيئن انهن کي وڏي رقم خرچ ڪر?? علاج جي لاءِ ٻين ملڪن نه وڃڻو پوي. وز??را??ظم پي ڪي ايل آئي کي مالي طور خودمختيار بڻائڻ جي لاءِ چيف سيڪريٽري پنجاب کي هدايت ڪئي ته هو مڪمل حڪمت عملي جوڙي ٽن ڏينهن ۾ پيش ڪري. وز??را??ظم هدايت ڪئي ته مالي سببن جي ڪري پڻ مريضن ک?? علاج کان محروم نه رکيو وڃي، صحت جون معياري سهولتون حاصل ڪرڻ ۾ ملڪ جي غريب ماڻهن کي مسئلا آهن، انهن کي عالمي معيار جي سهولتن جي مفت ف??اهمي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. وز??را??ظم لاچار ۽ مفلس طبقي تي ڌيان نه ڏيڻ جي سوچ کي بدلائڻ ۽ انهن جي خدمت کي ترجيحن ۾ سرفهرست رکڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وز??را??ظم پي ڪي ايل آئي کي ٽرسٽ بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو ته نرسنگ يونيورسٽي جي منصوبي کي جلد مڪمل ڪيو وڃي ۽ پي ڪي ايل آئي جي صفائي کي عالمي معيار موجب بڻائڻ جي لاءِ جيڪڏهن ضرورت پوي ته صفائي جي نظام کي آئوٽ سورس ڪيو وڃي. اجلاس ۾ خواجه سلمان رفيق، خواجه عمران نذير، پنجاب جي چيف سيڪريٽري، پنجاب جي هيلٿ سيڪريٽري، لاڳاپيل اعليٰ عملدارن ۽ پي ڪي ايل آئي جي عهديدارن شرڪت ڪئي.