اسلام آباد – 11 – اپريل (اي پي پي) تحريڪ انصاف جي ??ائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي قومي اسيمبلي جي سيٽن تان پي ٽي آءِ جي ??يمبرن جي ??ستعفي ٿيڻ ۽ وزارت عظميٰ جي چونڊن جو بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو. قومي اسيمبلي ۾ قائد ايوان جي چونڊن جي ??وقعي تي خطاب ڪندي هن چيو ته قوم جي سامهون ٻه رستا آهن هڪ خودداري ۽ ٻيو غلامي جو رست?? آهي، عمران خان مون کي اهو اعزاز بخشيو ته آئون پي ٽي اءِ پاران وزيراعظم جو اميدوار ٿيان. سمورن اسيمبلي ميمبرن جو ٿورو ادا ڪريان ٿو جن مون سان تعاون ڪيو. هن چيو ته تحريڪ انصاف هڪ نئين ??ارٽي آهي پر مختلف مرحلا طئي ڪندي ان کي هڪ نظرياتي فڪر رکندڙ پارٽي جو اعزاز به حاصل ٿي?? آهي، تاريخ ان ڳالهه جي گواهه آهي ته هن ايوان جون ڪيتريون ئي معزز پارٽيون ڪنهن مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيون آهن پر انهن ۾ ڪو نظرياتي قدر هڪجهڙا نه آهن، اڄ حڪومتي بينچن تي ايم ڪيو ايم پاڪستان جا دوست به ويٺل آهن، ٽي سال 8 مهينن تائين اهي ميمبر سنڌ ۾ پ پ جي خلاف مخالف ڌر جو ڪردار ادا ڪندا رهيا، اڄ اهي ڪهڙي ڀلائي جي اميد ڪن ٿا. ايم ڪيو ايم جي ساٿين سان ماضي ۾ ب?? ڪجهه معاهدا ڪيا ويا جنهن تي عمل ناهي ڪيو ويو، هن چيو ته عمران خان جيڪو فيصلو ڪيو اهو ذوالفقار علي ڀٽو جي ان سوچ جي عڪاسي ڪري ٿي ته طاقت جو سرچشمو عوام آهي، ڪالهه رات پوري قوم عمران خان جي ڪال تي لبيڪ چي?? آهي، اڄ ڪوئي کٽي هارائيندو ۽ ڪوئي هارائي به کٽي ويندو، عمران مقدر جو سڪندر آهي، شاهه محمود قريشي چيو ته عمران خان قوم کي خودداري ۽ ڪنڌ مٿي کڻي هلڻ جو درس ڏن?? آهي، عمران خان صحت ڪارڊ ڏنو، هن وقت اسان جي ??عيشت پنج سيڪڙو جي شرح ترقي ڪري رهي آهي، عمران قومي زبان، لباس کي اجاگر ڪيو، جڏهن هندستان پلوامه کانپوءِ حملو ڪيو ته اسان جي ??ارٽي ڀارت کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو، عمران خان احساس پروگرام جي ذريعي ڪروڙين ??اڻهن کي جيئن جو حق ڏنو، عمران خان پاڪستان جي ??اڻهن کي غلامي کان آزادي جو تصور ڏنو، هن چيو ته شهباز شريف سان قوم جو مينڊيٽ نه آهي، اهي عارضي اتحاد آهي جيڪو وکري ويندو، بلاول ڀٽو جنهن پراڻي پاڪستان جي ??ويد ٻڌائي رهي?? آهي ان ۾ پاڪستان جو ٻار ٻار قرضي آهي، اهي ماڻهو پاڪستان کي فيٽف جي گري لسٽ ۾ ڇڏي ويا، اڄ ملڪ جي ??ر اداري ۾ ڪرپشن پاڙ پڪي ڪري رهي آهي، اڄ خدمتون فراهم ڪندڙ مڪمل ناڪام ٿي چڪا آهن، هن چيو ته تحريڪ انصاف فوج جي ??ربانين کي سلام پيش ڪري، ٻاهرين ??داخلت ٿي آهي جنهن جو اعتراف نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل ڪري رهي آهي، اڄ ان پراسيس ۾ شامل ٿيڻ ان عمل کي جائز قرار ڏيندو ان لاءِ اليڪشن جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪري رهي?? آهيان، پارٽي جي اجتماعي فيصلي کي سامهون رکندي اڄ مستعفي ٿيڻ جو اعلان ڪريون ٿا.