اسلام آباد – 24 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان قوم کي چيو آهي ته هو 27 مارچ تي اهو پيغام ڏيڻ نڪري ته هو برائي سان گڏ نه آهي، ته جيئن مستقبل ۾ ڪنهن جي جرئت نه ٿي سگهي ته هو ه??رس ٽريڊنگ ڪري جمهوريت ۽ قوم کي نقصان پهچائي، مل?? ۾ 30 سالن کان لُٽ مار ڪندڙ ڌاڙيلن جو ٽولو گڏجي کلي عام پارليامينٽرين جا ضمير خريد ڪري رهيو آهي. جاري ڪيل قوم جي نا??ي پنهنجي وڊيو پيغام ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته امربالمعروف و نهي عن المنڪر جو حڪم ??لل?? قرار ڏنو آهي، ??لل?? تعاليٰ مسلمانن کي حڪم ڏي ٿو ته توهان چڱائي جو ساٿ ڏيو ۽ برائي ۽ بدي جي خلاف اٿي بيهڻو آهي، ان سان معاشرو زنده ٿئي ٿو. هن چيو ته مل?? ۾ ڌاڙيلن جو ٽولو جيڪو 30 سالن کان لُٽي رهيو آهي، ڪرپشن ڪري پئسو ٻاهر موڪلي رهيو آهي هاڻي انهن گڏجي پارليامينٽرين جي ضمير جون قيمتون لڳايون آهن، انهن کي کلي عام خريد ڪري رهيا آهن، وزيراعظم چيو ته آئون اهو چاهيان ٿو ته سڄي قوم 27 مارچ تي مون سان گڏ صرف هڪ پيغام ڏيڻ لاءِ نڪري ته اسان بدي سان گڏ نه آهيون پر اسان بدي جي خلاف آهيون، اسان هن مل?? جي جمهوريت ۽ قوم جي خلاف ٿيندڙ ان ڏوهه جي خلاف آهيون، وزيراعظم چيو ته اهي ماڻهو چوري جي پئسي مان عوامي نمائندن جا ضمير خريد ڪري رهيا آهن، قوم ان جي خلاف بيٺل آهي، وزيراعظم چيو ته آئون چاهيان ٿو ته قوم 27 مارچ تي مون سان گڏ نڪري ۽ سڄي پاڪستان کي خبر هجڻ گهرجي ته اڳتي ڪنهن جي جرئت نه ٿيڻ گهرجي ته اهڙي طرح جي ه??رس ٽريڊنگ ڪري مل?? جي جمهوريت ۽ قوم کي نقصان پهچائي.