اسلام آباد – 02 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ ۾ صنعتي ترقي جي لا??ِ انڪم ٽيڪس ترميمي آرڊيننس 2022ع ??اري ڪري ڇڏيو، آرڊيننس جو مقصد ملڪ ۾ سيڙپڪاري ۽ صنعتن جو فروغ، بي??ار صنعتي يونٽس کي بحال ڪرڻ آهي. ا??وا?? صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب آرڊيننس تحت نقصان ۾ ويندڙ ۽ بي??ار صنعتن کي ٻيهر زندهه ڪرڻ جي لا??ِ پئڪيج ڏ??و ويو آهي. آرڊيننس جي مدد سان انڪم ٽيڪس آرڊيننس 2001ع ۾ سيڪشن 59 سي، 65 ايڇ، 100 ايف جو اضافو ڪيو ويو آهي. آرڊيننس ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته نئين صنعتون قائم ڪرڻ جي لا??ِ ظاهر ڪيل اثاثن تي سيڙپڪارن کي رڳو 5 سيڪڙو مقرر ٽيڪس ڏيڻو پوندو، ظاهر ڪيل فنڊز رڳو پلانٽ ۽ مشينري خريد ڪرڻ، انڊسٽري قائم ڪرڻ جي لا??ِ استعمال ٿي سگهندا، فائديمند ڪمپنيون بي??ار ۽ نقصان ۾ ويندڙ صنعتون حاصل ڪري سگهنديون، حوصلا افزائي لا??ِ بي??ار صنعت جو ٽيڪس نقصان ايندڙ ٽن سالن جي لا??ِ ايڊجسٽ ڪري سگهبو. سمنڊ پار پاڪستاني، ٻاهرئين ملڪ اثاثا رکندڙ پاڪستاني سيڙپڪاري ڪري سگهندا، سيڙپڪار پئڪيج تحت واپس آندل رقم تي 100 سيڪڙو ٽيڪس ڪريڊٽ جا اهل هوندا، پئڪيج تحت واپس آندل رقم جي برابر ٽيڪس ڪريڊٽ رڳو 5 سالن تائين ڏ??و ويندو. صدر وزيراعظم جي ايڊوائيس تي آئين جي آرٽيڪل 89 تحت آرڊيننس جاري ڪيو.