اسلام آباد – 11 فيبروري (اي ??ي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سان انٽرني??نل ليبر آرگنائيزيشن جي ڊائريڪٽر جنرل جي عهدي لاءِ جمهو??يه ڪوريا جي اميدوار ڪانگ ڪيونگ وا پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي، پرڏيهي وزير چيو ته بهترين سفارتڪار اڳوڻي پرڏيهي وزير ۽ سياستدان هجڻ جي ناطي توهان جو تجربو متاثر ڪندڙ ۽ ايشيا پيسفڪ ريجن سان تعلق رکندڙ تجربيڪار عورت اميدوار جي طور تي توهان آئي ايل او جي قيادت لاءِ مضبوط اميدوار آهيو، شاهه محمود قريشي چيو ته جنيوا ۾ گذريل مهيني ٿيل عوامي ٻڌڻي ۾ توهان جو موقف ۽ ترجيحن جو اظهار واکاڻ جوڳو آهي، ڪورونا وائرس جي عالم گير وبا دنيا جي معيشت کي بري طرح متاثر ڪيو آهي، جڏهن ته ملازم، مالڪ ۽ پورهيت ان وبائي مرض سان هڪجهڙا متاثر ٿيا، شاهه محمود قريشي چيو ته مناسب ترقياتي فنانسنگ ۽ ويڪسين ايڪ??يٽ??، معاشي بحالي جي لاءِ مددگار ثابت ٿيندي، پاڪستان آءِ ايل او گورننگ باڊي جي ميمبر طور تي ان اهم عالمي ترجيحن لاءِ پنهنجي حمايت جاري رکندو. اسان اڳوڻي ڊائريڪٽر جنرل آءِ ايل او سان ترقياتي فنانسنگ، قرض ک??ن ڇوٽڪارو، ويڪسين ايڪ??يٽ?? ۽ منصفاڻي عالمي مالياتي ڍانچي جي قيام، سماجي ۽ اقتصادي اڻبرابري جو مقابلو ڪرڻ لاءِ پنهنجو موثر ڪردار ادا ڪرڻ جي اميد رکون ٿا. انٽرني??نل ليبر آرگنائيزيشن جي ڊائريڪٽر جنرل جي عهدي لاءِ جمهو??يه ڪوريا جي اميدوار ڪانگ ڪيونگ وا تعريفي جملن تي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جو ٿورو ادا ڪيو.