اسلام آباد – 25 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته پي ٽي آءِ حڪومت ۾ هيستائين ڪرپشن جو ڪو ڪيس سامهون ن??هي آيو، (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي دورن ۾ هر ڏينهن ڪرپشن جو نئون اسڪينڊل سامهون ايندو هو، (ن) ليگ ٽرانسپرنسي انٽرنيشنل رپورٽ جي غلط تشريح ڪري رهي ??هي?? ان رپورٽ ۾ ڪنهن مالي بدعنواني جي نشاندهي ن??هي ٿي. مملڪتي وزير فرخ حبيب شاهد خاقان عباسي جي پريس ڪانفرنس تي پن??نج?? ردعمل ۾ چيو ته شاهد خاقان عباسي جيڪڏهن ايترو سچو آهي ته شهباز شريف جي 16 ارب جي ڪرپشن بابت به ڪجهه ٻڌائي. (ن) ليگ ته پن??نج?? دور ۾ جعلي سروي ۽ رپورٽون تيار ڪرائيندڙ پارٽي طور ??شه??ر هئي. بلاول زرداري جي خطاب تي پن??نج?? ردعمل ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته پيپلزپارٽي 13 سالن دوران لاڙڪاڻي سميت سنڌ جي عوام کي ڇا ڏنو آهي. اڄ بلاول ڪچيءَ آبادي ۾ وڃي واڳون وارا ڳوڙها وه??ئي رهيو ??هي?? اڳ ۾ ڪٿي هو. سنڌ جي عوام کي رڳو ٽينڪر مافيا ۽ ذخيره اندوزن جي رحم ڪرم تي ڇڏي ڏنو آهي.