پشاور – 17 جنوري (اي پ?? پي) وزير??عظ?? عمران خان سان خيبرپختونخوا جي گورنر شاهه فرمان ۽ وڏي وزير محمود خان ملاقات ڪئي. وزير??عظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ صوبي ۾ سياسي صورتحال، انتظامي ??عاملن ۽ امن امان جي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات ۾ صوبي ۾ جاري عوامي ڀلائي ۽ ترقياتي منصوبن خاص طور تي زراعت، ٽر??نسفارميشن پلانٽ تي عملدرآمد، ٻيلن جي تحفظ جي منصوبي ۽ صحت ڪارڊ جي عوامي ??ذيرائي تي ڳالهه ٻولهه سان گڏوگڏ وزير??عظ?? کي مهانگائي کي روڪڻ لاءِ انتظامي ??اران کنيل قدمن ۽ ذخيره اندوزي جي خلاف آپريشن تي اڳڀرائي کان به آگاهه ڪيو ويو. وزير??عظ?? ترقياتي منصوبن جي مقرر مدي ۽ عوامي ڀلائي جي منصوبن کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون.