اسلام آباد – 14 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي و??ير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته درست عدالتي رپورٽنگ کانسواءِ عدليه جو وقار ۽ عوام جي بنيادي حقن جو تحفظ ممڪن نه آهي، عدليه جي ڪوريج ڪندڙ صحافي ملڪ ۾ ذميداراڻي صحافت جي فروغ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. اها ڳالهه هن ملاقات لاءِ آيل پريس ايسوسي ايشن آف سپريم ڪورٽ جي وفد سان ڳالهائيندي چئي.
اطلاعات واري و??ير پريس ايسوسي ايشن آف سپريم ڪورٽ جي نون چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته عدالتي رپورٽنگ جي اهميت داخل ڪيل ڪيسن جيتر?? آهي، ڪيس داخل ٿيڻ کان پهرين درجنين معاملن ۾ عدالتون ميڊيا رپورٽس تي پاڻمرادو نوٽيس وٺنديون آهن. هن چيو ته غلط ۽ غير محتاط عدالتي رپورٽنگ سان نه رڳو عوام درست اطلاع جي حق کان محروم رهند?? آهي پر قانون جي بالادستي ۽ عدليه جو وقار به متاثر ٿيندو آهي. وفاقي و??ير چيو ته عدليه جو احترام سڀني تي لازم?? آهي، جن خبرن ت?? عدليه نوٽيس وٺند?? آهي انهن خبرن جو حقيقي هجڻ ضرور?? آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته قانوني صحافت ۾ صحافت ۽ قانون ٻئي شامل هوندا آهن، عدليه جي ڪوريج ڪندڙ صحافين جي تربيت ضرور?? آهي، ان ڏس ۾ حڪومت صحافتي تنظيمن سان گڏجي لائحه عمل جوڙيندي.
وفاقي و??ير چيو ته صحافين کي ترجيحي بنيادن ت?? صحت ڪارڊز فراهم ڪر?? رهيا آهيون. ملاقات دوران اطلاعات واري وفاقي و??ير چوڌري فواد حسين پريس ايسوسي ايشن آف سپريم ڪورٽ جي وفد جا مسئلا ٻڌا ۽ انهن جي حل جي خاطري ڪرائي. وفد ۾ پريس ايسوسي ايشن آف سپريم ڪورٽ جو صدر راجا محسن اعجاز ۽ سيڪريٽري جنرل عديل سرفراز سميت ٻيا ميمبر شامل هئا.