اسلام آباد – 22 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزي?? فرخ حبيب چيو ??هي ته ڪڏهن قطري خط، ڪڏهن ڪيلبري فونٽ جعلي ٽرسٽ ڊيڊ، ڪڏهن مرحوم جج ارشد ملڪ کي بليڪ ميل ڪري وڊيو، ڪڏهن ن ليگي ورڪر اڳوڻي چيف جج رانا شميم جو جعلي حلف نامو ۽ ڪڏهن جعلي آڊيو ٽپس آڻي ر??يا آهن پر نواز شريف ۽ سندس خاندان اڄ تائين لنڊن محلات جون رسيدون ڪنهن عدالت ۾ نه پيش ڪري سگهيا. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزي?? فرخ حبيب چيو ??ه مريم صفدر ٽي وي تي ڪوڙ ڳالهايو ??ه منهنجي لنڊن ۾ ته ڇا پاڪستان ۾ به ڪا پراپرٽي نه آهي. بعد ۾ معلوم ٿيو ??ه نيلسن اينڊ نيسڪول آف شور ڪمپنيون لنڊن ۾ شريف في??لي جي استعمال هيٺ فليٽس جي مالڪ بينيفيشل اونر مريم صفدر آهي. هن چيو ??ه ڪيلبري فونٽ مارڪيٽ ۾ اچڻ کان پهرين جعلي ٽرسٽ ڊيڊ ٺاهي وئي، هن چيو ??ه پاناما انڪشاف اچڻ کانپوءِ نواز شريف ۽ في??لي ڪوڙ ۽ جعلي دستاويزن کانسواءِ عدالتن ۾ ڪجهه جمع ناهي ڪرايو. پهريون ڪوڙ اسيمبلي جي فلور تي بيهي نواز شريف چيو ??ه هي آهن اهي ذريعا حضور جنهن سان لنڊن جا فليٽس خريد ڪيا ويا بعد ۾ سپر??م ڪورٽ ۾ نئين ڪهاڻي قطري خط پيش ڪيو ويو.