دبئي – 23 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي ??زير چوڌري فواد حسين پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو آهي ته جيڪو سڀ کان سٺو کيڏندو، اهو قوم جو هيرو هوندو. پي ٽي پي وي سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي ??زير چيو ته پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي سمورن رانديگرن وٽ سپر اسٽار بڻجن جو موقعو آهي، دبئي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ پاڪستان ٽيم جا سمورا رانديگر کيڏندا، جيڪو سڀ کان سٺو کيڏندو، اهو قوم جو هيرو هوندو.