اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته فضل ال??حمان پارليامينٽ جو حصو نه آهي، سندس ڳالهيون به بي معنيٰ آهن، مفادن جي سياست ڪندڙ اڄ 12 هون رانديگر بڻجي چڪو آهي، نه هو بيٽنگ ڪري سگهي ٿو ۽ نه ئي کيس بائولنگ جو موقعو ملي رهيو آهي، نواز شريف ته پاڻ ڀ??وڙو آهي، فضل ال??حمان جيڪڏهن نواز شريف جو ايترو ئي خيرخواهه آهي ته کيس واپس وٺي اچي، نيب آرڊيننس جو مقصد احتساب جي عمل کي وڌيڪ موثر ۽ بهتر بڻائڻ آهي، انهن کي رڳو سيف ال??حمان جهڙو احتساب اداري جو سربراهه گهرجي ته جيئن مرضي جو احتساب ڪرائين. مولانا فضل ال??حمان جي بيان تي پنهنجي ردعمل ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته حڪومت نيب آرڊيننس پارليامينٽ ۾ آڻي رهي آهي، جيڪڏهن مخالف ڌر وٽ نيب کي بند ڪرڻ جي 34 ترميمن کانسواءِ ڪا تجويز آهي ته بحث جي عمل ۾ سامهون آڻي، فضل ال??حمان جو داڻو پاڻي بند آهي، انهي لاءِ جمهوري حڪومت کي ڪيرائڻ جي لاءِ ڏينهن رات سازشن ۾ مصروف آهي. هن چيو ته فضل ال??حمان صاحب توهان جي رڪارڊ جي درستگي جي لاءِ عرض آهي ته 2018ع ۾ عوام ووٽ جي طاقت سان توهان سميت پوري مخالف ڌر ک?? عبرتناڪ شڪست ڏني آهي، ناجائز، نااهل ۽ نالائق حڪومتون اهي هيون جن توهان کي پنهنجي اقتدار جو حصو بڻايو ۽ توهان انهن جي لاءِ سهولتڪار بڻيا. هن چيو ته جيڪڏهن موجدوه حڪومت جا چونڊ سڌارا پسند نه آهن ته توهان پنهنجا سڌارا کڻي اچو، توهان ته ڌانڌلي نظام جي فروغ ۾ دلچسپي رکو ٿا.