اسلام آباد – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي ??زير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته نيوزي لينڊ ۽ انگلينڊ جا دورا رد ٿيڻ سان پي ٽي وي کي ??روڙين روپين جو نقصان ٿيو، ٻنهي بورڊن جي خلاف قانوني ڪارروائي لاءِ وڪيلن سان مشورو ڪنداسين. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پاڪستان جي خلاف هڪ مخصوص عالمي لابي مصروف عمل آهي پر اسان کي جهڪائڻ جي خواهش رکندڙ ڪڏهن ڪامياب نه ٿيندا، اها غ??ط فهمي جلد ختم ڪري ڇڏين.