اسلام آباد ?? 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بئنڪنگ محتسب جو پرائيويٽ بئنڪن کي شڪايت ڪندڙ?? جي اڪائونٽ ?? 12 ??ک رپي?? جي رقم جمع ڪرائڻ جو فيصلو برقرار رکيو آهي. ايوان صدر ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب پرائيويٽ بئنڪن بئنڪنگ محتسب جي فيصلي جي خلاف صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي درخواست ڪئي هئي. واضح رهي ته نجمه سلطانه، زاهد شاهه ۽ طارق محمود چوڌري نالي شهري?? جي اڪائونٽس مان دوکيبازي ذريعي 12 لک رپين کان وڌيڪ جي رقم ڪڍي وئي هئي ڇو ته شڪايت ڪندڙن فراڊ ڪندڙن کي ٽيليفون تي پنهنجي بئنڪ اڪائونٽس جا تفصيل ڏنا هئا. واضح رهي ته شڪايت ڪندڙن پنهنجي بئنڪن پاران آن لائين بئنڪنگ جي سهولت حاصل نه ڪئي هئي. بنا اجازت جي اڪائونٽس مان رقم ٽرانسفر ڪر?? تي بئنڪنگ محتسب پرائيويٽ بئنڪن کي رقم واپس ڪر?? جو حڪم ڏنو هو ۽ پنهنجي فيصلي ۾ چيو هو ته بئنڪ صارفين کي پنهنجي مصنوعات بابت آگاهي ۽ تعليم ڏيڻ بئنڪ?? جي ذميواري آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي پرائيويٽ بئنڪن پاران ڏني ويندڙ درخواست تي چيو آهي ته صارفي?? جي اجازت کانسواءِ اليڪٽرانڪ فنڊ ٽرانسفر جي سهولت فراهم ڪر?? جي ڪري رقم جو نقصان برداشت ڪر??و پيو. هن چيو ته بئنڪون قانون تي عملدرآمد جي حوالي سان ڪي به دستاويز پيش ڪر?? ۾ ناڪام رهيون آهن. اهڙي طرح صدر ڊاڪٽر عارف علوي بئنڪنگ محتسب جو پرائيويٽ بئنڪن کي شڪايت ڪندڙ?? جي اڪائونٽ ?? 12 ??ک رپي?? جي رقم جمع ڪرائڻ جو فيصلو برقرار رکيو آهي.