واشنگٽن – 03 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سڄي دنيا ۾ ماحول??ات?? تبديلي، غربت ۽ غذائي عدم تحفظ وڏا چئلينجز آهن، اسرندڙ ملڪن جي لاءِ غذائي کوٽ ??ما?? وڏو مسئلو آهي، غربت جي خاتمي لاءِ چين رول ماڊل آهي، ڪوويڊ 19 جي عالمي وبا اقتصادي بحران کي جنم ڏنو آهي، احساس پروگرام ڪورونا جي معاشي مسئلن تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ڏني، پاڪستان ماحول??ات?? تبديلين جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ زبردست قدم کنيا اهن، 10 بلين ٽري منصوبي تحت هيستائين هڪ ارب وڻ هڻي چڪا آهيون، چنسائو ٽيڪنالاجي غربت جي خاتمي ۽ پائيدار ترقي جي لاءِ موزون آهي. اهڙن خي??لن جو اظهار هن چين ۾ منعقد چنسائو معاونت ۽ پائيدار ترقي تعاون فورم جي 20 هين سالگرهه جي موقعي تي وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ۾ ڪيو. وزيراعظم چين کي ان فورم جي ميزباني ۽ پروفيسر لين کي ”چنسائو“ ٽيڪنالاجي ايجاد ڪرڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته ان فائديمند ٽيڪنالاجي سان دنيا جي 100 کان وڌيڪ ملڪ گذريل 20 س??لن کان فائدو کڻي رهيا آهن ۽ هيستائين هزارين ماڻهن ان مان فائدو کنيو آهي. وزيراعظم چيو ته دنيا کي بالعموم ۽ زمين جي ڏاکڻي حصي ۾ رهندڙ ماڻهن کي خاص طور تي ماحول??ات?? تبديلين، غربت ۽ سڀ کان وڌيڪ غذائي عدم تحفظ سميت ڪيترائي چئلينجز درپيش آهن، غربت جي سمورين صورتن جي خاتمي جي اڻٿڪ ڪوششن جي ڪري گذريل ٻن ڏهاڪن دوران غربت ۾ تسلسل سان گهٽتائي ايندي رهي آهي جڏهن ته ڪوويڊ 19 جي عالمي وبا اقتصادي بحران کي جنم ڏنو جنهن سان ان طرف ٿيندڙ بهتري سستي جو شڪار ٿي آهي، گذريل 20 س??لن ۾ پهريون ڀيرو 2020ع دوران سخت غربت ۾ اضافو ڏٺو ويو آهي، اسرندڙ ملڪن جي لاءِ سمورن ماڻهن کي خ??راڪ ۽ بهترين غذائيت جي فراهمي وڌيڪ وڏو چئلينج بڻجي اڀريو آهي، عالمي وبا جي هن دور ۾ اقتصادي بحالي، واڌاري ۽ ترقي حاصل ڪرڻ بابت پائيدار ذريعا اختيار ڪرڻ انتهائي اهميت رکندڙ آهن. ”چنسائو“ ٽيڪنالاجي اهڙو ئي هڪ ذريعو ثابت ٿي سگهي ٿي، اها ننڍن آبادگارن کي گهٽ لاڳت ۾ وڏي پئماني تي کنڀين جي پوکيءَ ۾ معاونت فراهم ڪري ٿي، وڌيڪ اهو ته اها ٽيڪنالاجي زمينن کي بنجر ٿيڻ کان بچائڻ ۾ مددگار ٿي سگهي ٿي، ٻيو اهو ته وڌيڪ مقدار ۾ پروٽين هجڻ جي ڪري چوپائي مال جي چاري طور پڻ استعمال ٿي سگهي ٿي. وزيراعظم چيو ته غ??بت جي خاتمي جي حوالي سان چين اسرندڙ ملڪن جي لاءِ رول ماڊل آهي، گذريل چئن ڏهاڪن ۾ چين پنهنجي شاندار واڌويجهه جي شرح سان 80 ڪروڙ ماڻهن کي غربت مان ڪڍيو آهي. وزيراعظم ماحول??ات?? تبديلين جي حوالي سان چين جي قائداڻي ڪردار کي پڻ ساراهيو. هن چيو ته صدر شي جن پنگ جي خ??شحالي، صاف سٿري ۽ خوبصورت دنيا جي تصور کي ساراهيان ٿو، جڏهن ته دنيا کي سال 2060ع تائين ڪاربن جي اثرن کان پاڪ ڪرڻ جو تصور پڻ ساراهه جوڳو آهي. وزيراعظم چيو ته غ??بت جو خاتمو ۽ ماحول??ات?? تبديلين جو مقابلو منهنجي حڪومت جي اهم ترجيحن مان آهي، اسان وڏي پئماني تي سماجي تحفظ جي فراهمي جو پروگرام ”احساس“ شروع ڪيو، ان پروگرام جو مقصد پٺتي پيل ماڻهن جي زندگين ۾ بهتري آڻڻ، غربت جو خاتمو ۽ ڪمزور خاندانن کي مدد فراهم ڪرڻ آهي. وزيراعظم چيو ته اسان جي ”احساس“ ڪيش پروگرام عالمي وبا ڪوويڊ 19 جي اسان جي آبادي تي پوندڙ معاشي اثرن کان تحفظ فراهم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، ماحول??ات?? تبديلين سان سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن مان هڪ هجڻ جي ڪري پاڪستان ان عذاب جي خاتمي جي عالمي ڪوششن جي ڀرپور حمايت ڪريون ٿا. وزيراعظم چيو ته موسم??ات?? تبديلين ۽ ماحوليات جي حوالي سان اسان جي ايجنڊا زبردست ۽ واضح آهي ۽ اسان صاف ۽ سرسبز پاڪستان طرف وڌي رهيا آهيون، اسان 10 ارب وڻ لڳائڻ جي منصوبي تحت هيستائين هڪ ارب وڻ لڳائي چڪا آهيون، ٻيلن جي بحالي ۽ توسيع اسان جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، گرين ايرياز ۾ اضافي جا اسان جا قدم گڏيل قومن جي ماحول??ات?? بحالي نظام ڏهاڪي 2021ع کان 2030ع سان هم آهنگ آهن، اسان کي اميد آهي ته اسان جا اهي قدم ماحول??ات?? نظام ۾ خرابي کان بچڻ، ان کي روڪڻ ۽ ان ۾ بهتري آڻڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا. وزيراعظم چيو ته مون کي ان ڳالهه جي خ??شي آهي ته چنسائو ٽيڪنالاجي غربت جي خاتمي ۽ پائيدار ترقي جي لاءِ اسان جي معاشري ۽ معيشت جي لاءِ موزون آهي، اهڙي جديد، سستي ۽ ماحول دوست ٽيڪنالاجي پائيدار ترقي جي شروعاتي ٻن مقصدن يعني غربت ۽ بک جي خاتمي کي حاصل ڪرڻ ۾ مددگار ٿيندي، اسان جي غربت جي خاتمي جو قومي پروگرام جيڪو ماڻهن کي معاش جي فراهمي، اثاثن ۾ اضافي ۽ تربيت جي فراهمي کي يقيني بڻائي ٿو، چنسائو ٽيڪنالاجي جي حصيداري سان اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. وزيراعظم چيو ته غ??بت جي خاتمي ۽ پائيدار ترقي حاصل ڪرڻ جي ۽ ماحول??ات?? تبديلين کي منهن ڏيڻ بابت عالمي ڪوششن ۾ اسان جي وابستگي ۽ ارادو مضبوط آهي.