اسلام آ??اد – 05 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم ٽائ?? گئس جي پاليسي کي سيپٽمبر جي آخر تا??ين حتمي شڪل ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن اها هدايت ملڪ ۾ گئس جي ذخيرن بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي. اجلاس ۾ وفاقي ??زير شوڪت فياض ترين، حماد اظهر، اسد عمر، خاص مددگار تا??ش گوهر ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ملڪ ۾ ٽائ?? گئس جي موجوده وسيلن جي صلاحيت تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان ۾ ٽائ?? گئس جي وسيع ذخيرن جي موجودگي جو امڪان آهي، جنهن سان درآمد ٿيل مهانگي ايل اين جي تي مڪلي ضرورتن جو دارومدار گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي. وزيراعظ?? سيپٽمبر جي آخر تا??ين ٽائ?? گئس جي پاليسي تي نظرثاني ڪري حتمي شڪل ڏيڻ جي هدايت جاري ڪئي.