اسلام آباد – 26 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمب??ي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته افغان امن عمل ۽ ڳالهين کي نه رڳو ??اڪ??تان جي حڪومت پر عالمي برادري به ساراهيو آهي، ان عمل کي انتهائي احتياط سان پڄاڻي تائين پهچائڻ جي ضرورت آهي، تاريخ جو سبق اسان کي اڳتي وڌڻ ۽ پنهنجي غلطين کي صحيح ڪرڻ جو سبق ڏيندو آهي، ??اڪ??تان ۽ افغانستان ٻئي گڏجي بحر عرب کي وچ ايشيائي رياستن کي پاڻ ۾ ملائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪري، ان سان ٻنهي ملڪن جي عوام لاءِ اقتصادي ترقي ۽ خوشحا??ي جي هڪ نئين دور جو آغاز ٿيندو، هو پاڪ افغان واپار ۽ سيڙپڪاري جي سلسلي ۾ ٿيندڙ ٻن ڏينهن جي فورم جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو.