اسلام آباد – 07 جون (اي پي پي) وزيراعظم ع??ران خان سومر ڏينهن برطانيه ج?? و??يراعظم بورس جانسن سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي ۽ گڏيل رابطن، افغان امن عمل، ڪووڊ 19 وبا ۽ ماحولياتي تبديلي جي موضوع تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم ع??ران خان 5 جون تي ماحوليات جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي بورس جانسن جي شاندار وڊيو پيغام تي سندس ٿورو ادا ڪيو، وزيراعظم ع??ران خان اميد ظاهر ڪئي ته پاڪستان ۽ برطانيه جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري سميت ٻين شعبن ۾ مضبوط حصيداري ترقي ڪندي، ٻنهي اڳواڻن اعليٰ سطح جي مٽاسٽا جي اهميت تي اتفاق ڪيو، وزيراعظم ع??ران خان برطانيه ۾ ڪووڊ 19 وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ بورس جانسن جي ڪوششن ج?? و??کاڻ ڪئي، هن پاڪستان پاران ڪووڊ 19 وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ قدمن کان آگاهه ڪيو جنهن ۾ انساني زندگين کي بچائڻ سان گڏوگڏ روزگار ۽ معيشت جي تحفظ جا قدم شامل هئا، هن بورس جانسن کي چيو ته هو پاڪستان کي ان وبا جي ڪري ملڪن تي سفري پابندين جي ريڊ لسٽ ت?? و??هڻ جي فيصلي تي نظرثاني ڪري، افغانستان جي حوالي س??ن وزيراعظم ع??ران خان چيو ته پاڪستان افغانستان جي قيادت ۾ انهن جي پنهنجي امن ۽ مفاهمت جي عمل جي حمايت ڪري ٿو،