اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان لبنان جي گادي واري شهر ۾ بيروت ۾ ڌماڪن ۾ وڏي پئماني تي قيمتي جانين جي زيان ?? هزارين ماڻهن جي زخمي ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ت?? اسان مشڪل جي هن گهڙيءَ ?? پنهنجي لبناني ڀائرن سان يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا ۽ انهن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ زخمين کي جلد صحتياب ڪ??ي ۽ ڏکويل خاندانن کي صبر جميل عطا فرمائي.