اسلام آباد – 25 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان ڪورونا کان ??چاءُ لاءِ ايس او پيز تي عملدرآمد تي زور ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن هڪ مهينو سماجي فاصلو ۽ ايس او پيز تي عمل ڪيو وڃي ته ان وبا جي بلند ترين سطح مان نڪري اينداسين، جيڪڏهن عوام ايس او پيز تي عمل نه ڪيو ته اسپتالن تي بار وڌي ويندو، ٽائيگر فورس جا رضاڪار مشڪل وقت ۾ حڪومت سان گڏ بيٺل آهن ۽ عوام جي خدمت ڪر?? رهيا آهن. اهڙن خيا??ن جو اظهار هن ٽائيگر فورس جي رضاڪارن کي خطاب ڪندي ڪيو.