اسلام آباد – 28 جنوري (اي پي پي) وفاقي ڪابينا اڳوڻن وزيراعظمن محمد نواز شريف، يوسف رضا گيلاني ۽ اڳوڻي ??در آصف علي زرداري جي ڪئمپ آفيس، سيڪيورٽي، انٽرٽينمين?? ۽ ??رڏيهي نجي دورن تي خرچ ٿيندڙ اربين رپيا هڪ مهيني ۾ وصول ڪرڻ ۽ ??در ۽ وزيراعظم جي پگهارن ۽ مراعتن جي قانون ۾ ترميم جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، ان ترميم سان هاڻي ??در ۽ وزيراعظم جي رڳو هڪ رهائشگاهه کي سرڪاري رهائشگاهه جو درجو ڏنو ويندو ۽ جڳهه جڳهه ڪئمپ آفيسز قائم ڪرڻ ۽ انهن تي سرڪاري ناڻي ۽ عوام جي پئسي سان ٿيندڙ خرچن جي روڪٿام ڪري سگهبي، اڳتي ڪنهن به پبلڪ آفيس هولڊر بشمول ??در ۽ وزيراعظم جي لاءِ ڊيوٽي فري گاڏي جي سهولت نه هوندي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خا?? مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ مواصلات واري وفاقي وزير مراد سعيد سان ??ڏ صحافين کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڪابينا سنڌ ۾ انسپيڪٽر جنرل پوليس جي مقرري جي معاملي تي تفصيلي غور ويچار ڪيو.