سيالڪوٽ – 14 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊ??ڪٽر فردوس عاشق اعواڻ سيالڪوٽ جي مقامي ڪاليج ۾ منعقد تقريب ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي چيو ته ٻار جي پهرين درسگاهه ماءُ جي هنج آهي، هڪ ڇوڪري جي تعليم ??رف هڪ شخص جي تعليم ??هي جڏهن ته هڪ ڇوڪريءَ جي تعليم پوري معاشري جي تعليم ??هي، هن چيو ته هاڻي اهو وقت گذري چڪو آهي جڏهن جنگ ميدان ۾ وڙهي ويندي هئي هاڻي جنگ معاشي محاذ تي وڙهي ويندي آهي ۽ اسان پاڪستان ۾ 52 سيڪڙو آبادي کي ڪنهن به صورت ۾ محاذ جنگ کان پري نٿا رکي سگ??ون ۽ اسان 52 سيڪڙو آبادي تي مشتمل عورتن کي جديد علم ۽ فن سان هم آهنگ ڪري معاشي ميدان ۾ ترقي ۽ خوشحالي حاصل ڪري سڄي دنيا ۾ باوقار مقام حاصل ڪنداسين.