اسلام آباد – 06 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ بي جي پي جي فاشسٽ حڪومت جي هٿان 126 ڏينهن ڊگهو ڪرفيو ۽ ميڊيا بليڪ آئوٽ والاريل ڪشمير ج?? عوام جي بنيادي حقن جي کليل خلاف ورزي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سعودي پارلياماني وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ س??ودي عرب جي شوريٰ ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر عبدالله بن م??مد بن ??بر??هيم الشيخ جي سربراهي ۾ س??ڻس ملاقات ڪئي.