لاهور- 04 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ??ريف لوئر ڪرم جي علائقي بگن ۾ سر??اري گاڏين جي قافلي تي فائرنگ جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته امن امان ۾ رخنو وجهندڙن ۽ ا??سا??يت جي دشمنن کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ مان جاري بيان ۾ وزيراعظم ڊپٽي ڪمشنر جاويد جاويد الله محسود سميت زخمين جي صحتيابي لاءِ دعا پڻ ڪئي. وزيراعظم چيو ته فائرنگ سبب امن معاهدي کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، امن امان ۾ رخنو وجهندڙن ۽ ا??سا??ت دشمنن کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين. حڪومت ۽ سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي خلاف سر??رم عمل آهن.