اسلام آباد – 07 – جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ بين الوزارت?? ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ 11 ۽ 12 جنوري تي اسلام آباد ۾ ”مسلم ڪميونٽيز ۾ ڇوڪرين جي تعليم: چئلينجز ۽ موقعا“ جي موضوع تي عالمي ڪانفرنس جي تيارين جو جائزو ورتو ويو. پرڏيهي ??في?? پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، تعليم ۽ تربيت واري وفاقي وزير ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، نوجوانن جي معاملن واري وزير راڻا مش??ود احمد، پرڏيهي سيڪريٽري ۽ تعليم واري سيڪريٽري شرڪت ڪئي.