ڪراچي – 08 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم ??حم?? شهباز شريف هڪ ڏينهن جي دو??ي تي ڪراچي پهچي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ اعليٰ سرڪاري عملدارن ڪراچي پهچڻ تي وزيراعظم جو استقبال ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ??حم?? اسحاق ڊار، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، ناڻي وارو وفاقي وزير ??حم?? اورنگزيب، مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ ۽ صحت وا??و ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر مختار احمد ڀرٿ به وزيراعظم سان گڏ آهن. وزيراعظم ڪراچي پورٽ ٽرسٽ تي قائم سائوٿ ايشيا ٽرمينل جو دو??و ڪيو. وزيراعظم ڪراچي پورٽ ٽر??ٽ ۾ ايف بي آر جي ڪسٽم ڪليئرنس جي خودڪار نظام جو افتتاح ڪندو. ان نظام جو مقصد ڪسٽم ڪليئرنس ۾ شفافيت ۽ ڪليئرنس جي وقت ۾ گهٽتائي آڻڻ آهي. وزيراعظم پنهنجي گذريل ڪراچي جي دوري ۾ ان خودڪار نظام کي لڳائڻ جون هدايتون ڪيون هيون. وزيراعظم پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو دو??و ڪندو جنهن ۾ ان جي 2024ع ۾ سڄي دنيا جي ٻي بهترين ڪارڪردگي رکندڙ اسٽاڪ ايڪسچينج جي اعزاز حاصل ڪرڻ جي تقريب ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪندو. دوري ۾ وزيراعظم آغا خان يونيورسٽي ۾ ڪلينڪل پريڪٽس جي هدايت جي مهورتي تقريب ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪندو.