اسلا?? آباد-05 ڊسمبر (اي پي پي) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) بجلي ورڇيندڙ ڪمپنين (ڊسڪوز) جي مالي سال 25-2024ع جي پهرين ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ تقريبن 20 پئسا في يونٽ واڌ جي منظوري ڏيندي فيصلو وفاقي حڪومت کي موڪلي ڇڏيو آهي. نيپرا ترجمان ڪالهه جاري ڪيل بيان موجب ڊسڪوز نيپرا کي ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽس جي درخواست ڏني هئي، جنهن تي اٿارٽي ??الي سال 25-2024ع جي پهرين ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ تي 20 نومبر تي عوامي ٻُڌڻي ڪئي هئي. اٿارٽي ڊيٽا جي جاچ پڙتال کانپوءِ ڊسڪوز جي صا??فين لاءِ پهرين ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽس جي مد ۾ تقريبن 20 پئسا في يونٽ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جيڪو صرف ڊسمبر جي مهيني لاءِ بلن ۾ لاڳو هوندو، ان کان اڳ مالي سال 24-2023ع جي چوٿين ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ صا??فين کان ايوريج 1.74 رپيا في يونٽ چارج ڪيو پيو وڃي، جيڪو نومبر تائين لاڳو هو. پهرين ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ ۾ گذريل مالي سال جي چوٿين ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ جي ڀيٽ ۾ 1.54 رپيا في يونٽ صا??فين کان گهٽ چارج ڪيو ويندو. ان ٽه ماهي جو لاڳو ٿيڻ ڊسڪو?? ۽ ??ي اليڪٽرڪ جي سمورن صا??فين کانسواءِ لائيف لائن صا??فين تي هوندو، ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ جو فيصلو نوٽيفڪيشن کان پهرين وفاقي حڪومت آگاهه ڪيو ويو آهي.