لاهور – 02 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير ??طاءُ ال??ه تا??ڙ چيو آهي ته هڪ پارٽي ملڪ ۾ انتشار ڦهلائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهي آهي، تحريڪ انصاف ملڪ کي سياسي، سماجي ۽ سفارتي محاذ ۾ ناقابل تلافي نقصان پهچايو، حڪومتي ڪوششن سا?? مهانگائي ۾ رڪارڊ گهٽتائي ٿي آهي، پي آءِ اي جو يورپي روٽ اوپن ٿيڻ سان مُلڪ کي فائدو ٿيندو. اطلاعات واري وفاقي وزير ??طاءُ ال??ه تا??ڙ صوفي بزرگ حضرت ميان مير ??حمت ال??ه عليه جي درٻار تي فاتحه خواني ڪئي ۽ مزار تي چادر چاڙهي. ان موقعي تي صحافين سان غيررسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير ??طاءُ ال??ه تا??ڙ چيو ته ??زي??اعظم محمد شهباز شريف جي حڪومت ڏينهن رات عوام کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، هڪ پارٽي ملڪ ۾ انتشار ڦهلائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهي آهي. هن چيو ته حڪومتي ڪوششن سا?? مهانگائي ۾ رڪارڊ گهٽتائي ٿي آهي، پي آءِ اي جو يورپي روٽ اوپن ٿيڻ سان نه رڳو عوام کي ريليف ملندو پر ملڪي خزاني کي پڻ فائدو ٿيندو. هن وڌيڪ چيو ته تحريڪ انصاف پاران ملڪ کي سياسي، سماجي ۽ سفارتي محاذ ۾ ناقابل تلافي نقصان پهچايو ويو جڏهن ته ??زي??اعظم محمد شهباز شريف ۽ سندس ٽيم ملڪ کي ترقي طرف گامزن ڪرڻ جي لاءِ وڏي محنت سان ڪم ڪري رهي آهي ۽ انهن ڪوششن سان پاڪستان جلد ئي هر ميدان ۾ پنهنجو وڃايل مقام ٻيهر حاصل ڪري وٺندو.