اسلام آباد – 30 – آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان جي معيشت بحالي جي طرف گامزن آهي، حڪومت عوام جي معاشي حالت کي بهتر بڻائڻ جي ڪوششن تي ڌيان ڏنو آهي، ملڪ پائيدار ترقي جي راهه تي گامزن آهي. نائب وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار مالياتي موبائيل ايپلي ڪيشن ”لائيو بوگو“ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ايشيا ۾ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ مارڪيٽ رهي آهي جڏهن ته معتبر عالمي ادارن جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي معيشت بحالي جي طرف گامزن آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اسان کي ??نهنجي ماضي جو پاڻ جائزو وٺ?? ۽ ان ڳالهه تي غور ڪرڻ جي ضرورت آهي ته ڪهڙي طرح صحيح رستي تي هلي سگهجي ٿو. هن چيو ته حڪومت جي حڪمت عملي نجي شعبي جي ذريعي پيداري صلاحيت جي حوصلا ا??زائي ڪرڻ آهي ۽ حڪومت ان مقصد جي لاءِ نجي شعبي جي حوصلا ا??زائي جي لاءِ سهولت جو ڪم ڪيو آهي. محمد اسحاق ڊار چيو ته ملڪ ۾ هوائي اڏن کي آئوٽ سورس ڪيو پيو وڃي، جڏهن برطانيا ا??و ڪري سگهي ٿو ته بهتر خدمتن جي فراهمي جي مقصد سان هتي ڇو نه ٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته حڪومت پنهنجي خرچن کي گهٽ ڪرڻ تي پڻ ڌيان ڏئي رهي آهي. محمد اسحاق ڊار چيو ته ملڪ جي آبادي 30 سالن کان گهٽ عمر جي نوجوانن جي 67 سيڪڙو تي ٻڌل آهي، فني شعبن ۾ اختراعي نظريا ڪميونٽيز جي زندگين کي سگهه ۽ ترقي ڏيندا.