اسلام آباد-29 آڪٽوبر (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ چيو آهي ته بلوچستان سميت سڄي ملڪ جي ترقي سي پيڪ سان ڳنڍيل آهي، اهو منصوبو پاڪستان جي روشن مستقبل لاءِ اهم ٿنڀ جي حيثيت رکي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏينهن پاڪ- چائينا انسٽيٽيوٽ جي انتظام هيٺ منعقد ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چين جي يومِ تاسيس جي موقعي تي چيني حڪومت ۽ عوام کي مبارڪ ڏيندي پاڪ- چين دوستي ۽ اسٽريٽجڪ ش??اڪ??داريءَ جي اهميت کي اجاگر ڪيو. هن چيو ته بلوچستان سميت سڄي ملڪ جي ترقي سي پيڪ سان ڳنڍيل آهي. هن چيو ته پاڪ- چين اسٽريٽجڪ ش??اڪ??داري وقت سان گڏوگڏ مضبوط ٿيندي پئي وڃي، چيني سيڙپڪاري پاڪستان ۾ پبلڪ پرائيويٽ ش??اڪ??داريءَ جي نظام کي تقويت ڏني آهي ۽ چين جو اقتصادي ماڊل اڄ دنيا جي سمورن ملڪن لاء?? مثالي آهي. هن چيو ته چين اولهه نيولبرلزم جي ماڊل جي ابتڙ هڪ ڪامياب اقتصادي نظام قائم ڪيو آهي جنهن سان وزيراعظم به متاثر آهي. وفاقي وزير چيو ته سي پيڪ فيز 2 سميت سمورا منصوبا چين جي سهڪار سان جلد مڪمل ڪيا ويندا ۽ عالمي فورمز تي پاڪستان ۽ چين جو هڪٻئي کي سپورٽ ڪرڻ جو مثال تعريف جوڳو آهي. هن چيو ته چين ڏکڻ ايشيا ۾ هميشه پاڪستان کي خاص اهميت ڏني آهي ۽ پاڪستان جي ترقيءَ ۾ چيني سيڙپڪاريءَ جو ڪردار قدر جوڳو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي ميري ٽائم سيڪٽر کي چين جي پورٽ اينڊ شپنگ انڊسٽري جي طرز تي بهتر بڻايو پيو وڃي. ڪانفرنس دوران وفاقي وزير ان عزم جو اظهار ڪيو ته پاڪ- چين دوستيءَ کي نق??ان پهچائيندڙ دهشتگردن جون سازشون ناڪام ٿي چڪيون آهن.