اسلام آبا?? – 25 – آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيرا??ظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ساموا ۾ دولت مشترڪه جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس جي موقعي تي بنگلاديش جي پرڏيهي معاملن واري صلاحڪار محمد توحيد حسين سان ٻطرفي ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب عهدو سنڀالڻ کانپوءِ نائب وزيرا??ظم ۽ بنگلاديش جي پرڏيهي معاملن واري صلاحڪار جي وچ ۾ اها پهرين ملاقات هئي. نائب وزيرا??ظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تاريخي، مذهبي ?? ثقافتي رابطن تي روشني وڌي. نائب وزيرا??ظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ پرڏيهي وزير محمد توحيد حسين پاڪستان ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ اعليٰ سطح جي ڊائيلاگ خاص طور تي واپار، ثقافتي مٽاسٽا ۽ عوام جي وچ ۾ رابطن جي شعبن ۾ تعاون کي اڳتي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. ڌرين مختلف ??هڻ رخي فورمز تي وڌيڪ تعاون کي مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. هن علائقائي تعاون بابت ڏکڻ ايشيا تنظيم (سارڪ) ج?? ڪردار تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.