اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پول??و جي خاتمي جي عالمي ڏينهن تي اسان پول??و جي خاتمي جي حوالي سان آگاهي ۽ ان موذي مرض جي مڪمل خاتمي جي ل??ءِ پنهنجي عزم جي تجديد جي ل??ءِ متحد آهيون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب 24 آڪٽوبر تي پول??و جي خاتمي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي پيغام ۾ چيو ته پوليو هڪ اهڙي بيماري آهي جنهن سڄي دنيا جي لکين ٻارن کي متاثر ڪيو آهي، پاڪستان پول??و جي خاتمي جي مشن ۾ عالمي برادري سان گڏ بيٺل آهي. هن چيو ته اسان جي حڪومت پاڪستان کي پوليو ک??ن پاڪ بڻائڻ جي ل??ءِ پنهنجي ڪوششن ۾ ثابت قدم آهي ۽ هڪ اهڙي مستقبل کي يقيني بڻائڻ جي ل??ءِ ڪوششون ڪري رهي آهي جتي ڪو به ٻار ان بيماري کان متاثر نه ٿئي. وزيراعظم چيو ته اسان جي هيلٿ ورڪرز، ڊبليو ايڇ او، يونيسيف ۽ بل اينڊ ملينڊا گيٽس فائونڊيشن جهڙن عالمي حص??دارن جي اڻٿڪ محنت جي ڪري اسان پول??و جي ڪيسز کي گهٽ ڪرڻ ۾ نمايان اڳڀرائي ڪئي آهي جڏهن ته سيڪيورٽي خدشن، پوليو ويڪسين بابت غلط معلومات ۽ ڏورانهن ??لا??قن تائين پهچ جهڙا مسئلا درپيش آهن پر انهن سمورين رڪاوٽن جي باوجود اسان جي هيلٿ ورڪرز هر ٻار کي پوليو ويڪسين پيارڻ جي ل??ءِ بهادري سان ڪم جاري رکيو آهي. هن چيو ته اسان نيشنل ايمرجنسي ايڪشن پلان جي ذريعي صحت جي بنيادي ڍانچي کي بهتر بڻائڻ سان گڏوگڏ ويڪسين جي ڪوريج کي وڌائي رهيا آهيون ۽ غلط معلومات جي ڦهلاءُ کي روڪڻ جي پڻ ڪوشش ڪري رهيا آهيون. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پول??و جي خاتمي جي ل??ءِ ??لا??قائي تعاون انتهائي اهميت رکندڙ آهي، سرحد پار کان پول??و جي ڦهلاءُ کي روڪڻ جي حوالي سان پاڪستان ۽ افغانستان کي گڏجي ڪم ڪرڻو آهي. هن چيو ته اسان جي اها ويڙهه پول??و جي خاتمي سان گڏوگڏ عوامي صحت جو هڪ مضبوط نظام بڻائڻ ۽ ايندڙ نسلن جي صحت جي تحفظ بابت آگاهي ۽ ڪوشش بابت آهي. وزيراعظم سمورن والدين کي اپيل ڪئي ته اهي پنهنجي ٻارن کي پوليو ک??ن بچاءُ جا ڦرا پيارين ۽ ڪميونٽي ليڊرز پڻ پول??و جي خاتمي جي پيغام کي عام ڪن. وزيراعظم چيو ته پاڪستان پوليو فري ملڪ بڻجڻ جي ل??ءِ پرعزم آهي، پنهنجي شهرين ۽ عالمي حص??دارن جي تعاون سان اسان ان مقصد کي حاصل ڪنداسين.