دوحه – 31 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته قطر جي امير شيخ تميم بن ح??د آل ثاني سان ملاقات دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي ۽ ڀائيچاري جي مضبوط رشتن جو ورجاءُ ڪيو ۽ واپار، سيڙپڪاري جي امڪاني شعبن، توانائي ۽ ثقافت ۾ تعاون جي لاءِ نئين راهن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪ??ي. سوشل ميڊيا ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ هن چيو ته قطر جي امير سان هڪ انتهائي لاڀائتي ملاقات ٿي. شاندار آجيان ۽ فراخدلي سان مهمان نوازي جي لاءِ قطر جي امير سان گڏوگڏ حڪومت ۽ قطر جي عوام جو به ٿورائتو آهيان. هن چيو ته اسان پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ دوستي ۽ ڀائيچاري جي مضبوط رشتن جو ورجاءُ ڪيو، واپار، سيڙپڪاري جي امڪاني شعبن، توانائي ۽ ثقافت ۾ تعاون جي لاءِ نئين راهن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪ??ي. ٻنهي اڳواڻن پنهنجي ملڪن جي وچ ۾ سيڙپڪاري کي سگهه ڏيڻ ۽ واپاري لاڳاپ?? کي وڌائڻ جي گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪيو. فلسطين ۽ وچ اوڀر جي علائقائي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪ??ي وئي. وزيراعظم چيو ته خطي ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ ??يخ تميم بن ح??د آل ثاني جي قيادت ۾ قطر جي اڻٿڪ ڪوشش?? کي ساراهيان ٿو.