اسلام آباد-12 آڪٽوبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر ڊاڪٽر احسن اقبال چيو آهي ته شنگهائي تعاون تنظيم(ايس سي او) جي سربراهه اجلاس منعقد ٿيڻ سان پاڪستان جي عالمي سطح تي هاڪاري سڃاڻپ اجاگر ٿيندي، هڪ سياسي پارٽي طرفان اهڙي موقعي تي احتجاج جو سڏ ڏيڻ ملڪ دشمني جي برابر آهي، اها پارٽي ڪنهن ??يجنڊا تي ڪم ڪري رهي آهي ان جو جواب ڏيڻو پوندو. ڪالهه ڇنڇر ڏينهن ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان لاءِ وڏي اعزاز جي ڳالهه آهي ته هو 15 ۽ 16 آڪٽوبر تي ايس سي او سربراهي اجلاس جي ميزباني ڪري رهيو آهي، ان ڪانفرنس ۾ 9 ملڪن جا سربراهه جنهن ۾ چين ۽ روس جا وزيراعظم اچي رهيا آهن، ان کانسواءِ وچ ايشيائي ملڪن جا نمائندا به شرڪت ڪري رهيا آهن، سعودي عرب جو سيڙپڪاري وارو وزير، سعودي ڪاروباري شخصيتن ۽ سيڙپڪارن سان ٻطرفن لاڳاپن کي مستحڪم ڪرڻ ۽ ملڪ ۾ سيڙپڪاري جا نوان موقعا ڳولڻ لاءِ پاڪستان جي دوري تي آيل آهي ۽ اهم ملاقاتن ۽ معاهدن جو سلسلو جاري آهي. اهڙي موقعي تي هڪ ڀيرو ٻيهر تحريڪ انصاف ان سموري اڳڀرائي کي نقصان پهچائڻ لاءِ احتجاج جو سڏ ڏنو آهي. هن چيو ته ايس سي او جي سربراهه اجلاس ذريعي اسان پاڪستان کي يورپ ۽ ايشيا جي سفارتي منظرنامي تي اجاگر ڪري سگهون ٿا ۽ پاڪستان جي گڏيل ۽ واپاري لاڳاپن کي هٿي ڏئي سگهون ٿا. وفاقي وزير چيو ته چين جو وزيراعظم شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس ۾ خصوصي طور تي شريڪ ٿيندو جي??و پاڪستان لاءِ وڏي اعزاز جي ڳالهه آهي. هن چيو ته اعليٰ سطحي وفدن جي اچڻ سان پاڪستان جي معيشت کي سگهه ملندي. هن هڪ اضافي ڏينهن پاڪستان سان ٻطرفي لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ لاءِ به رکيو آهي. 14 آڪٽوبر تي چين ۽ پاڪستان جي قيادت وچ ۾ چين ۽ پاڪستان وچ ۾ لاڳاپن تي ڳالهين جا دور ٿيندا، ان کان پهرين چين جي وزيراعظم پاڪستان جو دورو 11 سال اڳ ڪيو هو. اهو اسان جو فرض آهي ته چين ۽ ٻين ملڪن مان آيل مهمانن جي ميزباني سٺي طريقي سان ڪريون، جنهن ??ان پاڪستان جي وقار ۾ اضافو ٿيندو. هن چيو ته افسوس جي ڳالهه اها آهي ته تحريڪ انصاف 15 آڪٽوبر تي احتجاج جو سڏ ڏنو آهي، ڪراچي ۾ ٿيل دهشتگردي ۽ تحريڪ انصاف جي سياسي دهشتگردي ۾ هڪجهڙائپ آهي، جتي هڪ طرف بارودي دهشتگردي سان پاڪستان کي نقصان پهچايو ويندو آهي اتي پي ٽي آءِ سياسي دهشتگردي سان ملڪ ۾ انتشار پکيڙي رهي آهي جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته انهن ٻنهي جو اسڪرپٽ لکندڙ هڪ ئي آهي. هن چيو ته نهايت دردمندي سان پ??هن??ي انهن ??وستن کي واضح ڪرڻ چاهيان ٿو ته جي??ي اهو سمجهي پي ٽي آءِ جو ساٿ ڏئي رهيا آهن ??ه ملڪ ۾ ڪا تبديلي ايندي، اهي اها ڳالهه ڄاڻي وٺن ته 2014ع ۾ به پي ٽي آءِ چين جي صدر جو دورو ملتوي ڪرايو ۽ مسلسل ان دوران ڌرڻن، تشدد ۽ افراتفري ذريعي اها ڪوشش ڪئي وئي ته ڪهڙي طرح سي پيڪ کي نقصان پهچائي سگهجي ۽ 2018ع ۾ آر ٽي ايس سسٽم کي ويهاري اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ ان جو پهريون نشانو سي پيڪ هو. هنن سي پيڪ خلاف ڪوڙا الزام لڳائي چيني سيڙپڪارن کي ٻين ملڪن ڏانهن منتقل ٿيڻ تي مجبور ڪيو ۽ اڄ به ان اهم موقعي تي احتجاج جو سڏ ڏئي رهيو آهي. احسن اقبال چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي تازي چين جي دوري جي موقعي تي چين طرفان سي پيڪ 2 جي شروعات جو اعلان ٿيو ته اسان ڏٺو ته تحريڪ انصاف جي صفن ۾ وري گوڙ شروع ٿيو ڇاڪاڻ ته پاڪستان ۾ اقتصادي بهتري جو جي??و عمل شروع ٿيو آهي جنهن ??و ثبوت اڄ سڄي دنيا ڏسي رهي آهي ته پاڪستان جي معاشي اهڃاڻ بهتر ٿي رهيا آهن ??ڏهن ??ه پي ٽي آءِ پ??هن??ي چئن سالن جي حڪومتي دور ۾ معيشت کي جي??ي زخم ڏنا اهي اڄ ان حڪومت جي ترقياتي قدمن سبب ڀرجي رهيا آهن ??ه انهن ??ي پُرتشدد ۽ انتشار جي ڪاررواين ۾ اضافو ٿي ويو آهي. هن چيو ته اسان کي اهو سوچڻ گهرجي ته ڇا پاڪستان ان شيءَ جي سٽ سهي سگهي ٿو. پي ٽي آءِ وارن کي شڪايت آهي ته انهن ??ي اڳواڻ کي جيل ۾ رکيو ويو آهي، ته اهڙي ليڊر جي حڪومتي دور ۾ اسان تي ڪيل ڪوڙن ڪيسن ۾ اسان به جيل ڀوڳيا آهن. جي??ڏهن ڪنهن کي جيل ۾ رکيو وڃي ٿو ته ان جو طريقيڪار اهو آهي ته عدالتن ۾ پ??هن??ي بيگناهي ثابت ڪن ۽ پ??هن??ي مٿان مڙهيل ڪيسن ۾ پ??هن??ي صفائي ڏين، مون، م??هن??ي قائد نواز شريف، شهباز شريف ۽ ٻي قيادت به پي ٽي آءِ جو پرتشدد دور ڏٺو ۽ ڀوڳيو آهي. هن چيو ته ڇا ڪو اهڙو شخص رياست کان وڏو ٿي سگهي ٿو، اهو شخص جي??و ٻين کان رسيدون گهرندو هو، اهو هي 190 ملين پائونڊ جو حساب نه ڏئي رهيو آهي، ها??ي جيڪڏهن ??ن کي چيو ويندو آهي ته ان الزام ۾ پ??هن??ي بي گناهي ثابت ڪريو ته بيگناهي ثابت ڪرڻ بدران هو رياست تي حملا آور ٿي رهيو آهي. هن ڪروڙين روپين جي تحفن کي ڀڳڙن جي مٺ تي حاصل ڪرڻ کانپوءِ مهانگي اگهه تي وڪرو ڪري رقم پ??هن??ي کسي ۾ وڌي آهي، ان جون اصل رسيدون پيش ڪرڻ بدران اوهان ڪوڙيون رسيدون پيش ڪري رهيا آهيو، پي ٽي آءِ باني ثبوت ڏيڻ بدران سڌي ريت رياست ۽ رياستي ادارن تي حملو ڪري رهيو آهي. فنانشل ٽائمز ٻه سال پهرين پي ٽي آءِ باني خلاف شوڪت خانم جي نالي تي پئسا گڏ ڪري پ??هن??ي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ جو انڪشاف ڪيو، جي??ڏهن پي ٽي آءِ باني سچو هجي ها ته فنانشل ٽائمز تي ڪيس ڪري ها. پي ٽي آءِ باني لاءِ هر ڏوهه جائز آهي جڏهن ??ن کان انهن ڏوهن ??و پڇيو وڃي ته هو رياست تي چڙهائي ڪندو آهي جي??و انتهائي مذمت جوڳو قدم آهي. جي??ڏهن هن ملڪ ۾ ڪو سڀ کان وڏو آئين ٽوڙيندڙ آهي ته اهو صرف پي ٽي آءِ جو باني آهي جنهن ??ي باري ۾ سپريم ڪورٽ جي پنج ججن به گڏيل طور تي چيو ته هن پ??هن??ي سياست خاطر غير آئيني قدم کڻندي قومي اسيمبلي ٽوڙي ڇڏي ۽ اڄ کيس پارليامينٽ ياد اچي رهي آهي، ان غير آئيني قدم ۾ ان وقت جا اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر شامل هئا، ان آئيني ڀڃڪڙي تي پي ٽي آءِ باني خلاف ڪارروائي گهڻو اڳ ٿيڻ گهربي هئي. احسن اقبال چيو ته هر پاڪستاني جي??و ملڪ سان محبت ڪري ٿو اهو ان احتجاج جي اعلان جي مذمت ضرور ڪندو ڇاڪاڻ ته اهڙي وقت تي احتجاج جو سڏ ڏيڻ ڪنهن ??ماقت کان گهٽ ناهي جڏهن پوري دنيا جو ڌيان پاڪستان جي بهتر ٿيندڙ معاشي منظرنامي تي آهي ۽ 9 ملڪن جا سربراهه پاڪستان جي معاشي ترقي ۾ پ??هن??و حصو وجهڻ لاءِ شنگهائي تعاون تنظيم جي اهم ترين سربراهه اجلاس ۾ شريڪ ٿيندا ۽ ان موقعي تي پي ٽي آءِ اهو چاهي ٿي ته پاڪستان جو سٺو چهرو دنيا کي ڏسڻ لاءِ نه ملي. هن چيو ته پي ٽي آءِ دشمن جي ايجنڊا تي ڪم ڪري رهي آهي، اها پاڪستان جي ايجنڊا نٿي ٿي سگهي اها انهن ملڪن جي ايجنڊا ضرور آهي، هن چيو ته پاڪستان جو عوام روز روز جي احتجاج ۽ تحريڪ انصاف جي انهن ??ربن کان تنگ اچي چڪو آهي ۽ هن پهرين به پرتشدد ۽ انتشاري سياست کي رد ڪيو ۽ هاڻي به ان کي رد ڪري ٿو. وفاقي وزير چيو ته اسان ملڪ جي نوجوانن کي بهترين مستقبل ڏيڻ لاءِ ملڪي معيشت کي مضبوط ڪرڻ چاهيون ٿا، اسان کي اقتصادي مقابلي جي ڊوڙ ۾ تيز ڊوڙڻو آهي ته جيئن 2047ع ۾ جڏهن ??سان آزادي جو سئو سالا جشن ملهايون ته اسان جو ڪنڌ شرم سان نه جهڪيل هجي، پر فخر سان بلند هجي ۽ اسان جي نوجوان نسل اهو چئي سگهي ته اسان آزادي جي 100 سالن سان انصاف ڪيو آهي. هن چيو ته اسان پاڪستان کي پهرين 10، 15 مضبوط معيشتن ۾ ڏسڻ چاهيون ٿا جڏهن ??ه پي ٽي آءِ جي ايجنڊا ڪهڙي طرح سي پيڪ ۽ پاڪستان جي ترقي کي رول بيڪ ڪرائڻ آهي، هن چيو ته پاڪستان جي عوام هاڻي انهن ??ي ارادن کي ڄاڻي چڪي آهي ۽ پاڪستان جي ترقي کي ڪنهن هڪ ماڻهو جي انا ۽ نفرت جي ور چڙهڻ نه ڏنو ويندو، هي ملڪ اسان سڀني جي انا ۽ سياست کان وڏو آهي.