اسلام آباد-12 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد ا??حاق ڊار جي سعودي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان السعود سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ٿي، جنهن ۾ فلسطين ۽ لبنان جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي آفيس طرفان جاري بيان مطابق ڳالهه ٻولهه د??را?? ٻنهي ا??وا???? فلسطين ۽ لبنان جي عوام لاءِ پنهنجي گهري وابستگي ۽ حمايت جو اظهار ڪيو.