اسلام آباد-24 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي صحت بابت وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر مختار ڀرٿ جي خاص هدايت تي پمز اسپتال لاءِ ايڇ وي اي سي منص??بي جي پي سي ??ن منظور ڪئي وئي آهي. ڪالهه جاري ڪيل پنهنجي هڪ بيان ۾ ڊاڪٽر مختار چيو ته 1700 ٽن ايڇ وي اي سي جي گنجائش 2500 ٽن تائين وڌائي وئي. هن چيو ته منص??بي جي پي سي ??ن منظور ٿي وئي آهي، جڏهن ته ان منص??بي تي 1654 ملين رپيا لاڳت ايندي ۽ 6 مهينن اندر منصوبو مڪمل ٿيندو. هن چيو ته صحت جي شعبي ۾ بهتري لاءِ سڌارن جو سلسلو جاري آهي. گرمين جي موسم ۾ منا??ب ڪولنگ سسٽم نه هئڻ سبب مريضن کي ڏُکيائيون درپيش آهن، انهن قدمن سان گرمي جي موسم ۽ سياري ۾ گرمي پد معتدل رهندو. هن چيو ته عوام جي بهتري ۽ اسپتالن ۾ جديد سهولتن جي فر??همي کي يقيني بڻائي رهيا آهيون?? سرڪاري اسپتالن جي ڪارڪردگي کي وڌيڪ بهتر بنائڻ جو پختو عزم ڪيو آهي.