نيويارڪ – 27 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته عهدو سنڀالڻ کانپوءِ ملڪ جي 24 ڪروڙ عوام جي ڀل??ئي ۽ خوشحالي ڌيان جو محور آهي، مشڪل پر ضروري فيصلا ڪيا آهن، مالياتي خساري تي ضابطو آندو آهي، مهانگ??ئي هڪ انگ تي اچي وئي آهي.گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79هين اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته هلندڙ سال مارچ ۾ پنهنجو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ پنهنجي ملڪ جي 24 ڪروڙ عوام جي ڀل??ئي ۽ خوشحالي اسان جي ڌيان جو محور رهي آهي، اسان مشڪل پر ضروري فيصلا ڪيا آهن جن اسان جي معيشت کي ڪِرڻ کان بچايو آهي، اسان ميڪرو اڪنامڪ استحڪام کي بحال ڪيو، ??الياتي خساري تي ضابطو آندو، ??نهنجي ذخيرن کي سگهه ڏني جنهن جي نتيجي ۾ مهانگ??ئي هڪ انگ تي اچي وئي آهي. هن چيو ته ڏکڻ ۽ وچ ايشيا ۽ وچ اوڀر جي سنگم تي موجود اسان پنهنجي ماڻهن ??ي لاءِ هڪ جهڙي طور تي لاڀائتا نتيجا حاصل ڪرڻ ??ي لاءِ جاگرافي??ئي معاشي ۽ علائق??ئي رابطن کي ترجيح ڏني آهي، شاندار چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جي ٻئي مرحلي جي ڪاميابي سان شروعات ڪئي وئي آهي. هن چيو ته خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) جي ذريعي اسان مستحڪم انفراسٽرڪچر، قابل تجديد توانائي، معدنيات، پائيدار زراعت ۽ ٽيڪنالاجي ۾ سيڙپڪاري کي متحرڪ ڪري رهيا آهيون، اها ترقي ۽ جديديت جي هڪ نئين دور جي شروعات هوندي.