نيويارڪ – 27 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شه??از شريف غزه ۾ فور?? جنگبندي ۽ اتي رهندڙ فلسطينين جي نسل ڪشيءَ تي اسرائيل جي احتساب جي مطالبي جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شه??از شريف عراقي وزيراعظم محمد شياع السوداني سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن گڏيل قومن ۽ او آءِ سي جي پليٽ فارم تي غزه ۾ فور?? جنگبندي ۽ فلسطيني ڀائرن جي لاءِ انساني همدرديءَ جي بنياد تي امداد جي بنا رڪاوٽ فراهمي جي لاءِ عالمي سطح تي ڪوششون تيز ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي. ٻنهي اڳواڻن جي ملاقات گڏيل قومن ج?? جنرل اسيمبلي جي 79 هين اجلاس جي موقعي تي نيويارڪ ۾ ٿي. ان موقعي تي وزيراعظم محمد شه??از شريف پاڪستان ۽ عراق جي وچ ۾ مضبوط لاڳاپن کي خوش آئنده قرار ڏيندي چيو ته انهن لاڳاپن جو بنياد تاريخ، ثقافت ۽ مذهب ت?? ٻڌل آهي. وزيراعظم پاڪستاني زائرين جي لاءِ هر سال ڪندڙ انتظامن تي عراقي حڪومت جي ڪوششن کي ساراهيو. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن پاڪستان – عراق ٻطرفن لاڳاپن جي دائري کي وڌيڪ سگهه ??يڻ تي به اتفاق ڪيو. گڏيل طور تي تعاون جي فروغ جي لاءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ موجود صلاحيت مان فائدو کڻڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو. ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن غزه ۾ جاري اسرائيلي قتل عام، ظلم ۽ ڏاڍ ۽ لکين انساني زندگين جي تباهي تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم محمد شه??از شريف پاڪستان پاران غزه ۾ فور?? جنگبندي ۽ غزه جي نسل ڪشيءَ تي اسرائيل کي ذميوار قرار ??يڻ جي مطالبي جو ورجاءُ ڪيو. عالمي مسئلن تي اتفاق ڪندي ٻنهي اڳواڻن غزه ۾ فور?? جنگبندي ۽ فلسطيني ڀينرن ۽ ڀائرن کي انساني امداد جي بنا رڪاوٽ فراهمي جي لاءِ گڏيل قومن ۽ او آءِ سي جي پليٽ فارمز تي عالمي ڪوششن کي وڌيڪ موثر ۽ تيز ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو.