اسلام آباد-10 سيپٽمبر (اي پي پي) ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگ??يب چيو آهي ته زر??عت ۽ آءِ ٽي معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏي ۽ ملڪ جي معاشي ترقيءَ جا محور آهن. هن اها ڳالهه يو ايس ڪموڊٽي فيوچر ٽريڊنگ ڪميشن (سي ايف ٽي سي) جي عالمي معاملن جي آفيس جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ڪيون پِڪولي سان ملاقات دوران چئي. ??يئ??مين ايس اي سي پي عاڪف سعيد، پاڪستان ۾ آمريڪي سفارتخاني جا عملدار ۽ فنانس ڊويزن جا سي??يئ?? عملدار به ان موقعي تي موجود هئا. ملاقات ۾ زر??ي جنسن جي مارڪيٽ جي ڪردار ۽ پاڪستان ۾ جنسن جي مستقبل جي مارڪيٽ جي ترقي، ضابطي ۽ نگرانيءَ جي سلسلي ۾ سگهه وڌائڻ جي تربيتي سيشنز جي جاري سيريز ڪي لي سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان ۽ سي ايف ٽي سي وچ ۾ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ناڻي واري وزير انهن قدمن جي آجيان ڪئي ۽ پاڪستان جي معيشت ۾ زر??عت خاص طور تي ملڪ جي مجموعي قومي ??يد??وار ۾ ان جي ڪردار تي روشني وڌي. هن چيو ته جتي مالي سال 24ع دوران پاڪستان جي معيشت ۾ 2.38 سيڪڙو جي اؤسر ٿي، زر??عت اقتصادي ترقي جو هڪ اهم محرڪ طور اُڀري آهي ۽ وڏين فصلن جي ??يد??وار ۾ 6.25 سيڪڙو جو اضافو ٿيو. هن چيو ته پاڪستان ۾ زر??عت ۽ آءِ ٽي ٻنهي شعبن تي ڀاڙڻ وڏي حد تائين ملڪي عمل تي هلي ٿو، انهن شعبن ۾ صحتمنداڻي ۽ مستقل ترقي قومي معيشت لاءِ اهميت رکي ٿي. ٻنهي شعبن جي روانگي واپار جي صلاحيت مان ڀرپور فائدو کڻڻ ضروري آهي.