لاهور -04 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي، ته چين پاڪستان جو پراڻو دوست آهي، جنهن هر ڏکئي وقت ۾ پاڪستان جي مدد ڪئي، چين پاڪستان اقتصادي راهداري (سي پيڪ) جهڙي قومي نوعيت جي ??رقياتي منصوبن تي سڀني اسٽيڪ هولڊرز کي سياست کان مٿانهون ٿي ڪم ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم ميڊيا آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان مطابق انهن خيالن جو اظهار هن صحافين جي وفد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. چين جي ??رڪاري اداري چائنا پبلڪ ڊپلوميسي ايسوسيئيشن جي ??عوت تي چين جي ??رڪاري دوري تان واپس آيل صحافين جي 7 رڪني وفد گذريل ڏينهن لاهور ۾ وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم چيو ته پنهنجي هاڻوڪي چين جي ??وري ۾ چيني قيادت ۽ چيني عوام طرفان مثالي مهمان نوازي تي انهن جو ٿورائتو آهيان، چين جي هاڻوڪي دوري کان پوءِ مفاهمتي يادداشتن ۽ معاهدن تي اڳڀرائي جي پاڻ نگراني ڪري رهيو آهيان. هن چيو ته پاڪستان ۾ چين جي ??هواسين جي ??يڪيورٽي لاءِ سمورا قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته چين جهڙي پراڻي دوست سان لاڳاپن تي سياست جي ڪنهن به قسم جي گنجائش ناهي، سي پيڪ جي ٻي مرحلي تي تيزي سان عملدرآمد جاري آهي. هن چيو ته چيني ماهرن جي پاڪستان جي هاڻوڪي دوري ۾ مختلف شعبن ۾ سهڪار کي هٿي ڏيڻ ۾ مثبت اڳڀرائي ٿي آهي. ملاقات ۾ سڌسماءَ وارو وفاقي وزير عطا الله تارڙ به موجود هو. صحافين جي وفد ۾ دنيا نيوز جو سلمان غني، عامر مير، هم نيوز جو شيراز حسن، روزنامه جنگ جو خضر حيات، ڊان نيوز جو خالد حسنين، جيو نيوز جو اعظم ملڪ ۽ پاڪستان ٽيليويزن جو مطيع الرحمان شامل هئا. وفد جي ميمبرن وزيراعظم کي پنهنجي چين جي هاڻوڪي دوري دوران تجربن ۽ پاڪ چين لاڳاپن جي ??والي سان پنهنجي ??يالن کان آگاهه ڪيو. وفد پنهنجي چين جي ??وري دوران ٿيل ملاقاتن جي ??نياد تي وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ته چين پاڪستان سان پنهنجي ڀائراڻن لاڳا??ن کي انتهائي اهميت جي نگاهه سان ڏسي ٿو. وفد وزيراعظم جي قيادت ۾ حڪومت جي ڪاروبار ۽ سيڙپڪار دوست پاليسين تي کيس خراج تحسين پيش ڪيو. وفد وزيراعظم کي چيني قيادت ۽ چيني عوام جي پاڪستان حڪومت بابت تاثرن کان به آگاهه ڪندي ٻڌايو ته پاڪستان ۾ چيني سيڙپڪاري خاص طور چين پاڪستان اقتصادي راهداري تي ڪم جي موجوده رفتار ۽ منصوبن جي مڪمل ٿيڻ لاءِ وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ حڪومتي قدمن تي اطمينان جو تاثر ڏٺو پيو وڃي. چيني عهديدارن شهباز اسپيڊ جو ذڪر ڪندي وزيراعظم جي ??ڌارن وارن قدمن جي ??ه تعريف ڪئي. وفد ۾ شامل ٿيندڙن ٻڌايو ته سندن هاڻوڪي دوري دوران چيني عهديدارن سان ملاقات ۾ چين پاڪستان معاشي شراڪتداري باري ۾ عام طور ۽ سي پيڪ تي خاص طور گرم جوشي جو تاثر مليو.