اسلام آباد -21 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي، ته حڪومت حقدار مريضن جي علاج ۽ معالج جون مفت ۽ جديد سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، جناح ميڊيڪل ڪامپليڪس جديد سهولتن سان خطي جي ??ڪ شاندار ۽ بي مثا?? اسپتال هوندي. جناح ميڊيڪ?? اسپتال جي ??يڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته هي منصوبو نواز شريف جي اڳواڻي ۽ اتحادي حڪومت جو جاڙن شهرن لاءِ ئي نه پر ڪي پي ڪي، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي ??ريضن لاءِ به تحفو هوندو. هي نرسنگ اسڪولز ۽ جديد ليب ٺهندا، هن چيو ته هن جديد اسپتال ۾ پيچيده مرضن جو علاج ٿيندو. آغا خان فائونڊيشن هن سينٽر جي سموري ڪنسلٽنسي بنا معاوضي ڏني آهي، جنهن تي انهن جا ٿورائتا آهيون. هن چيو ته پرنس ڪريم آغا ڪيترن ئي ڏهاڪن کي صحت جي شعبي ۽ پاڪستان جي تعمير ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته هن ڪامپليڪس لاءِ 600 ڪينال ايراضي رکي وئي آهي، جڏهن ته 200 ڪينال جو ڪمرشل سينٽر به هن اسپتال نالي ڪيو آهي. ان جي آمدني اسپتال جي بنجندڙ ٽرسٽ م ويندي. هن چيو ته هي اهو ماڊل آهي جيڪو نواز شريف جاري ڪيو هو ته عام پاڪستاني لاءِ مفت علاج ٿئي. هن چيو ته تعليم ۽ صحت جي سهولتن جي ??راهمي هر پاڪستاني جو حق آهي. هن چيو ته پي ڪي ايل آءِ نه رڳو پاڪستان پر ڏکڻ ايشيا جي بهت??ين اسپتال آهي. جڏهن ته هڪ سازش تحت هن منصوبي کي تباهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. پي ڪي ايل آءِ اسپتال جي بورڊ ۾ قابل ت??ين ماڻهو شامل هئا اهو ختم ڪيو ويو. هن کي ٽرسٽ مان هٽائي صحت کاتي حوالي ڪيو ويو. ڪووڊ دوران ان جي سهولتن مان تمام گهڻو فائدو کنيو ويو ۽ هڪ مرڪز بڻيل هو. ان کان اڳ مريض لکين رپيا خرچ ڪري پرڏيهه علاج لاءِ ويندا هئا. هن اسپتال ۾ هزا??ين مريضن جو مفت ٽرانس پلانٽ ڪيو ويو. هن چيو ته جناح ميڊيڪل ڪامپليڪس ۾ حقدار مريضن کي 100 سيڪڙو مفت علاج جي سهولت مهيا ڪئي ويندي، جڏهن ته سرندي وارن ماڻهن کي علاج جو خرچ برداشت ڪرڻو پوندو. هن چيو ته جناح ميڊيڪل ڪامپليڪس ۾ سم??ري??ن سهولتون هونديون. هتي ميڊيڪ?? اسڪول به قائم ڪيو ويندو، هي سينٽر صوبن سان وڌيڪ هم آهنگي ۽ رابطن جو ذريعو هوندو. هتي ايمرجنسي ۾ ايئر ايمبولينس به دستياب هوندي. هن منصوبي لاءِ جيترا به فنڊز گهربل هوندا، اهي مهيا ڪيا ويندا. هن چيو ته هن منصوبي جي ??ڪ سال ۾ تڪميل جي ??دايت ڪئي وئي آهي، هتي 24 ڪلاڪ ڪم هلندو، اهڙي ريت آءِ ٽي پارڪ به هن سال جي آخر تائين مڪمل ڪرڻ جي ??دايت ڪئي آهي. وزيرعاظم چيو ته چيئرمين سي ڊي اي علي رنڌاوا هن منصوبي لاءِ فوري ايراضي فراهم ڪئي، ان جا مشڪور آهيون. اسپتال ۾ اميرن ۽ غريبن کي هڪ جهڙيون سهولتون ميسر هونديون. هن چيو ته سي ڊي اي جي چيئرمين کي هدايت ڪئي ته هن مرڪز جي ??تاث??ين کي ون ونڊو تحت سهولتون ڏين. هن ان کي سندس ايراضي جي ??ارڪيٽ پرائيز ڏينداسين. وزيراعظم چيو ته هڪ سال ۾ هن منصوبي جي تڪميل جو مشن مشڪل ضرور آهي پر ناممڪن ناهي. ان خواب جي تعمير گڏجي ڪنداسين. هيلٿ ڪو آرڊينيٽر ڊاڪٽر مختيار احمد چيو ته جناح ميڊيڪل ڪامپليڪس جو پهريون مرحلو ٻن مهينن ۾ مڪمل ڪيو ويو. هي ڪامپليڪس گهڻ منزلي هوندي، جنهن دوران ان جو ٻيو مرحل?? به ٻن مهينن ۾ مڪمل ڪيو ويندو. هن ڪامپليڪس ۾ جديد سهولتون هونديون. قومي اسيمبلي جي ??يمبر ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو ته رڪارڊ مدت ۾ هن ڪامپليڪس جي ??يڙهه جو پٿر رکيو پيووڃي، ان جي تعمير سان صحت جون وڌيڪ سهولتون ميسر ٿينديون.